آفريدي جي مهمان نوازي ڪئي، ڀڃ ڊاهه تي ردعمل ته اچڻو هو: کهڙو

آفريدي جي مهمان نوازي ڪئي، ڀڃ ڊاهه تي ردعمل ته اچڻو هو: کهڙو

بدين (رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر  نثار کھڙو چيو آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير سهيل  آفريدي جي مهمان نوازي ڪئي،  ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جو ري ايڪشن ته اچڻو هو، جي ايم سيد جي سالگره تي ويندڙ ڪارڪنن کي ناهي روڪيو ويو،  بدين ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  سنڌ ۾ مفت اسپتالون هلائي عوام کي فائدو ڏنو آهي ائين پيپلزپارٽي جي منشور ۾ شامل آهي عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ڏئي سگهجي، هن وڌيڪ چيو ته هر ضلع ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائيندن چيئرمينن ڪائونسلرن  کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ڪير به پاور ۾ ناھي.