آفريدي ملڪ دشمن لاءِ تحريڪ هلائي پيو، ٽي ٽي پي بابت ڳالهائڻ تي زبانون ڏڪن ٿيون: تارڙ

آفريدي ملڪ دشمن لاءِ تحريڪ هلائي پيو، ٽي ٽي پي بابت ڳالهائڻ تي زبانون ڏڪن ٿيون: تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ  چيو آهي ته  پهريون ڀيرو ڏسي رهيا آهيون ته ڪنهن صوبي جو وڏو وزير تحريڪ هلائي رهيو آهي، اها به ملڪ جي دشمن لاءِ تحريڪ هلائي پئي وڃي، پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير وڌيڪ  چيو  ته تحريڪ انصاف پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي سهولتڪار آهي، جيل ۾ ويٺل شخص ٽي ٽي پي جي ماريل دهشتگردن کي شهيد سڏي رهيو آهي، ٻين تي حملا ٿي رهيا آهن، پي ٽي آءِ تي ڇو نه پيا ٿين، هن وڌيڪ  چيو ته ٽي ٽي پي پاڪستان جي دشمن آهي، آخري ساهه تائين ان جو پيڇو ڪري خاتمو ڪيو ويندو. هن الزام مڙهيو ته پي ٽي آءِ دهشتگردن کي آڻي هتي رهايو. انهن جو ليڊر دهشتگردن کي شهيد چوندو هو، پاڪ فوج جي ڪنهن به جوان لاءِ هنن ڪڏهن هڪ لفظ به ناهي لکيو اڄ قوم دهشتگردي جو جيڪو نقصان ڀوڳي رهي آهي، ان جي پويان تحريڪ انتشار جي سياسي ونگ آهي. هن چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي بابت پي ٽي آءِ وارن زبانون ڏڪن ٿيون، اي اين پي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن