| آفريدي کي عزت ڏني، پاليسي بابت حڪومت ٻڌائيندي: مخدوم جميل |
هالا (ن پ ا) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ۽ سروري جماعت جي اڳوڻي روحاني پيشوا مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي 33 هين ورسي ملهائي وئي، سروري جماعت جو روحاني پيشوا پي پي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان درگاھ سرور نوح پھچي مرحوم مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري، ميڊيا سان ڳالھائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته مخدوم طالب الموليٰ گھڻ رخي شخصيت ھو ۽ پاڻ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ پيپلزپارٽي جو ھالا ۾ بنياد رکيو، اتر سنڌ ۾ ته بدامني آھي،رڳو دعا ڪريو ته ڏکڻ سنڌ کي الله بدامني کان بچائي،ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سھيل آفريدي کي سنڌ حڪومت جلسي جي اجازت ڏئي پي ٽي آءِ جي عزت ڪئي آھي جيڪا تمام سٺي ڳالهھ آھي،باقي ڇا پاليسي آھي اھيو سنڌ حڪومت کان پڇي ٻڌائي سگھون ٿا باقي ڪا صورت حال اھڙي، به ھوندي آھي جيڪا حڪومت جي ھٿ ۾ ناھي ھوندي،سنڌ جو موجودہ گورنر تمام سٺو ڪم پيو ڪري ۽ ايڪٽو به آھي ،ايم اين اي مخدوم جميل الزمان وڌيڪ چيو ته اگر ضلعي مٽياري جون 30 ئي يونين ڪائونسل غيرفعال آھن ته بلدياتي اليڪشن ۾ به دير ناھي 5 يا 6 مھينن اندر اليڪشن ٿيندي، پوء فيصلو ڪنداسين ته ڪنھن کي موقعو ڏنو وڃي،سروري جماعت تمام وڏي جماعت آھي پارٽي قيادت سان گڏ ويھي سڀني جي خدمت ڪنداسين ۽ تمام جلد پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري ھالا جو دورو ڪندو.