آفريڪا سُرخ آهي؟

آگسٽ 17, 2023

 ڌرتي جي گولي تي آفريڪا سڀ کان وڌيڪ غريب کنڊ آهي ۽ آفريڪا ۾ وري  نجِير سڀ کان وڌيڪ مسڪين ملڪ آهي. نِجير جي نوي سيڪڙو آباديءَ وٽ بجلي ڪانهي ۽ اتي اڌ کان وڌيڪ عوام انتهائي شديد غربت ۾ گهيريل آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين نِجير ۾آمريڪي تربيت يافته فوجين پنهنجي ئي “چونڊيل” صدر کي قيد ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو آهي. نجِير جي سياست اڪثر وقت غير مستحڪم رهي آهي۽ اهو پهريون ڀيرو ڪونهي، جو اُن ملڪ ۾ مارشل لا لڳي آهي پر هِن ڀيري مغربي طاقتن کي وڏي تڪليف ٿي آهي. ان جو هڪ سبب موجوده فوجي جنتا جو روس ۽ چين طرف جهڪائو ٻڌايو وڃي ٿو. روس ۽ چين جي ممڪنه اثر جي ڪري نجِير ۾ فرانس جي فوجي اڏي ۽ آمريڪا جي ڊرون بيس جي مستقبل تي سوال اُٿڻ لڳا آهن.

پراڻي سامراجيت

                 سن 1960 ۾ نجِير جي عوام فرانس کان آزادي ورتي هئي پر اها آزادي نالي ماتر هئي. مغربي آفريڪا جي ٻين ملڪن جيئن نجِير ۾ پڻ “پراڻي بيٺڪيت” کي ختم ڪري اُتي “نئين بيٺڪيت” جي نظام کي لاڳو ڪيو ويو هو. ان جي معيشت تي فرانس جو ڪنٽرول هليو پيو اچي. نجِير تي لازم آهي ته هو پنهنجي اسٽيٽ بئنڪ جا اڌ رِيزرو فرانس ۾ رکي ۽ يورپي يونين جي مالياتي نظام ۾ رهي. نجِير جي ڪرنسي فرانس جي بئنڪ پرنٽ ڪندي آهي، جنهن جي هو چڱي خاصي رقم وٺندا آهن. ان کان علاوه هر سال نجِير ۽ ٻين مغربي آفريڪي ملڪن کي وڏي رقم ڏَن طور فرانس کي ڏيڻي پوندي آهي. آزادي وقت فرانس انهن کان گارنٽي ورتي هئي ته هر سال هو خاص رقم فرانس کي ڏيندا. نجِير جي حالت سنڌي پهاڪي جيئن آهي ته، “هڪ ته مينهن ڏٻري، ٻيا وري مڇر گهڻا.” فرانس جو نجِير ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ ظلم ايترو ته زياده آهي، جو روس ۽ چين ته ٺهيو پر اٽلي جي موجوده وزير اعظم جيورجا ملوني سرِ عام فرانس کي نندي ٿي. هُن جي دعويٰ آهي ته، “اٽلي سميت يورپ ۾ مهاجرن جو مسئلو فرانس جي ظلم ۽ استحصال جو نتيجو آهي. اُتي عوام کي مجبور ڪيو ويو آهي ته هو جان جوکي ۾ وجهي پنهنجي ڌرتي ڇڏي اٽلي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن“.

نئين سامراجيت

مغربي طاقتن، خاص ڪري فرانس مقامي قبائلي سردارن ۽ حڪمران اشرافيه سان ملي ڪري اهڙو نظام جوڙيو آهي، جو ماڻهو بدتر غلامي جي پڃري ۾ بند آهن. “ڪال ڪوٺڙي جي سيخن تي گلن جون مالهائون سجائڻ سان اها جنت نه ٿيندي…… منهنجي زنجيرن ۾ جڪڙيل بدن تي گل نه سجايو، ان سان الٽو وزن وڌي ٿو”. روسو جا اهي جملا نئين سامراجيت کي سمجهڻ جي لاءِ ڪافي آهن.

نجِير معدنيات، خاص ڪري يورينيم ۽ سون ۾ امير آهي. فرانس پنهنجي ملڪ جي بجلي جي ضرورتن جو ٽيون حصو نجِير مان يورينيم جو ڌاڙو هڻي پورو ڪري ٿو پر جتان يورينيم نڪري ٿو، تن ماڻهن جي نصيب ۾ اونداهي آهي. اها ساڳي ڪار بلوچستان ۽ سنڌ سان آهي. سئي مان گيس ڪراچي، لاهور ۽ پنڊي جي ڪارخانن ۽ گهرن ۾ ملي سگهي ٿي پر سئي جي ماڻهن جي لاءِ اها حرام هئي. نجِير جو سون سرمائيدارن، سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جا محل ته ٺاهي سگهي ٿو پر غريب کي ماني نه ٿو ڏئي سگهي!! ڪنهن ڏاهي سچ چيو هو ته، “دنيا ۾ ڪو به غريب ملڪ نه آهي پر انهن کي غريب ڪيو ويو آهي”. اسان به ان نئين سامراجيت جا ماريل آهيون.

نجِير کان پهرين ان جي ٻن ٻين پاڙيسري ملڪن بورڪينا فاسو ۽ مالي ۾ پڻ ساڳئي قسم جون بغاوتون ٿيون آهن، جيڪي نجِير جي فوجي جنتا جي پوري حمايت ڪري رهيون آهن. ان حد تائين جو انهن نيٽو تي واضح ڪيو آهي ته نجِير جي خلاف جنگ انهن جي خلاف جنگ سمجهي ويندي. بورڪينا فاسو ملٽري جي نمائندي نيٽو کي ياد ڏياريو ته، “گذريل ڏهن سالن کان، لبيا تي حملي کان پوءِ، سڄي خطي جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتون تباهه آهن. جيڪڏهن نجِير تي حملو ڪيو ويو ته نه ڄاڻ ايندڙ ويهه، ٽيهه يا چاليهه سال پورو خطو غير مستحڪم رهندو. اسان پهرين ئي بي پناهه ڏکن جا ماريل آهيون. اڄ جيڪي ماڻهو نجِير کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، سي گذريل ڏھ سال ڪٿي هئا؟  نجِير ۽ اسان جا دک ساڳيا آهن. اسان پنهنجي عوام جي بک کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا”. هُن جو دٻيل لفظن ۾ الزام هو ته آفريڪا ۾ بک جا ذميوار نيٽو جا ملڪ  آهن. مغربي آفريڪا ۾ انهن ٽنهي ملڪن جو اتحاد باقي ملڪن جي علائقائي تنظيم “ايڪووا” کان الڳ بيٺو آهي. ايڪووا پراڻي حڪومت کي بحال ڪرائڻ جي لاءِ  نجِير تي حملي ڪرڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. نجِير ۾ عوام جي وڏي اڪثريت فرانس جي تسلط ۽ فوجي جنتا جي حمايت ڪري رهي آهي. اها حمايت فوجي جنتا جي لاءِ غنيمت آهي.

جيو پاليٽڪس ۽ رجيم چينج

نجِير جي مٽي يورينيم، سون ۽ بارود ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل سان مالا مال آهي. آفريڪي ۽ عالمي جيو پاليٽڪس، خاص ڪري يوڪرين ۾ جنگ جي ڪري انهن قدرتي خزانن جي اهميت وڌي وئي آهي. فرانس جي خواهش آهي ته مغربي آفريڪا جي ٻين ملڪن جي مدد ڪري نجِير تي حملو ڪرائي پراڻي حڪومت کي بحال ڪجي. آمريڪا جي ڊپٽي سيڪريٽري وڪٽوريا نيولينڊ (جنهن کي جنگ مخالف ماڻهو موت جو فرشتو به سڏيندا آهن) نجِير ۾ فوجي جنتا سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ بنفسِ نفيس اتي وڃي پهتي هئي. هيءَ اهو موت جو فرشتو آهي، جنهن کي يوڪرين جي جنگ جو ماسٽر مائينڊ سمجهيو وڃي ٿو. محترمه جي صدارت ۾ ئي وائيٽ هائوس جي هڪ اجلاس ۾ يوڪرين جي چونڊيل صدر کي هٽائڻ جي منظوري ڏني وئي هئي. بقول آمريڪي پروفيسر ۽ ليکڪ جيفري سَڪس (Jaffrey Sachs) جي ته، محترمه جو اعتراف ڪنهن ٽيپ ڪري جاري ڪيو آهي. رابرٽ ڪينيڊي جونيئر ايندڙ آمريڪي صدارتي اليڪشن ۾ اميدوار آهي، تنهن پنهنجي اليڪشن مهم ۾ هي لفظ چيا آهن: “مون کي يوڪريني عوام جي ڀلائيءَ جو فڪر آهي. آئون انهن جي بهادريءَ کي سلام ڪريان ٿو، جيڪي ‘آمريڪا جي آرزو’ پوري ڪرڻ جي لاءِ مري رهيا آهن. يوڪرين اسان جي پروڪسي جنگ وڙهي رهيو آهي…” حقيقت اها آهي ته جڏهن صدر بائيڊن کان جنگ جو مقصد پڇيو ويو ته هن جو جواب هو ته، “روس ۾ رجيم چينج” … جڏهن سيڪريٽري دفاع لوائيڊ آسٽن کان اپريل 2022 ۾پڇيو ويو ته، “اسان يوڪرين ۾ ڇا پيا ڪريون؟” ته هُن جواب ۾ چيو هو  ته، “روس جي فوج کي ٿڪائڻ چاهيون ٿا ته جيئن باقي دنيا ۾ هن جي جنگ وڙهڻ جي صلاحيت گهٽجي وڃي”. پنهنجي ڳالهه کي واضح ڪندي هن چيو ته، “اها جنگ يوڪرين جي آزادي جي لاءِ نه آهي، اها سُپر پاورن جي جيو پاليٽڪس جي پراڪسي جنگ آهي … آئون پوتن جو حامي نه آهيان پر اسان ڄاڻي واڻي هُن کي مشتعل ڪيو. وائيٽ هائوس بار بار يوڪريني صدر کي امن معاهدن تي عمل ڪرڻ نه ڏنو. جيڪڏهن وائيٽ هائوس مداخلت نه ڪري ها ته اها جنگ ڪڏهن به نه لڳي ها”. پنهنجي خيالن کي واضح ڪندي هُن چيو ته، “آئون جيڪو چئي رهيو آهيان، سو اهم آهي ته اسان روس کي مشتعل ڪري ان کي چين جي قريب ڪيو آهي، جيڪا وڏي غلطي آهي…اسان جي غلط حڪمت عملي جي ڪري چاليهه ملڪن جو “برِڪ بلاڪ” ٺهيو آهي، جيڪو آمريڪي ڊالر جي ورلڊ ڪرنسي جي تاج جي لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته ياد رکو ته اسان وٽ تمام وڏي معاشي بيماري ايندي، جيڪا اسان پهرين تاريخ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي آهي.”

جوليس ميليما، سائوٿ آفريڪا جي نئين انقلابي پارٽي جو اڳواڻ آهي ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين هُن پنهنجي پارٽي اي ايف ايف جي ڏهين سالگره جي موقعي تي عوام جي وڏي هجوم کي  خطاب ڪندي چيو ته، “نيٽو ۽ امن ٻه متضاد خيال آهن. نيٽو قدافي کي هٽائڻ جي لاءِ پوري لبيا کي تباهه ڪري ڇڏيو. آمريڪا جا اڏا اسان جي گهرن جي ويجهو آهن، اسان تي حملي ڪرڻ جي لاءِ انهن کي واشنگٽن مان اڏار ڪرڻي ڪانهي. هو جڏهن به چاهين، ٻن منٽن ۾ اسان جي شهرن کي تباهه ڪري سگهن ٿا….. اهو ڪوڙ آهي ته سامراج ختم ٿي ويو آهي.

اسان سمجهي سگهون ٿا ته پيوٽن يوڪرين ۾ ڇو وڙهي رهيو آهي؟ ڇا اسان ڪڏهن ايشيا ويا آهيون؟ اسان ڪڏهن يورپ ويا آهيون؟ ڇا اسان ڪڏهن آمريڪا ويا آهيون؟ اسان ته پنهنجي ڌرتي تي ويٺا آهيون. اسان ڪٿي به فوجي اڏا ڪونه ٺاهيا آهن، ته پوءِ نيٽو آفريڪا جي کنڊ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ فوجي اڏا ڇو ٺاهيا آهن؟ اسان جيڪڏهن سوال ڪريون ٿا ته (آمريڪي دانشور) چون ٿا ته سامراج جهڙي ڪا شئي موجود ناهي. ياد رکو اسان کي جتي به موقعو ملندو، اسان آمريڪي سامراجيت کي وائکو ڪندا رهنداسين. آمريڪا ڪڏهن به ڪيوبا ۾ روسي اڏا قبول نه ڪندو، جتي روسي ميزائل آمريڪا جي اکين جي سامهون هجن. جيڪو عمل توهان پاڻ جي لاءِ سٺو نه ٿا سمجهو، تنهن جي اسان کان توقع رکڻ مناسب نه آهي.”

اڄ جو ڪالم بظاهر ته نجِير ۽ آفريڪا جي پس منظر ۾ آهي پر آئون پرهندڙن کي گذارش ڪندس ته مٿي پيش ڪيل دليلن کي ملڪ جي حالتن جي تجزئي جي لاءِ استعمال ڪن، ڇو ته سامراج اسان تي به قابض آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • رهاڻ: ٿر جي راجپُوتن جي هڪ اَهم رسم

  • سينيٽ، سياست ۽ سازش

  • ڳالهيون ڳنوارن جون … ٻائو پورنداس ٻيلو ۽ ڀرئي شيديءَ واري موري

  • چونڊون: داخلي دٻاءُ يا پرڏيھي پريشر؟