| آفريڪي فٽبال ڪوچ کي ڌمڪائيندڙ بي جي پي ڪائونسلر معافي وٺي ڇڏي |
نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) دهلي ۾ ڀارتي جنتا پارٽي جي ڪائونسلر رينو چوڌري آفريڪي فٽبال ڪوچ کي هندي سکڻ جي ڌمڪي تي معافي گهري ورتي. سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ سخت تنقيد کانپوءِ رينو چوڌري چيو ته منهنجو مقصد ڪنهن جا جذبا مجروح ڪرڻ نه هو. ايم سي ڊي جو پارڪ ٻارن جي کيڏڻ ۽ ڪوچنگ حاصل ڪرڻ لاءِ آهي، اتي جيڪي به سهولتون گهربل هونديون فراهم ڪنداسين، جيڪڏهن منهنجي ڳالهائڻ سان ڪنهن کي تڪليف پهتي آهي ته معافي ٿي گهران، مون کي اميد آهي ته ٻار پارڪ ۾ کيڏندا رهندا. واضح رهي ته رينو چوڌري چيو هو ته جيڪڏهن هتان پيسو کائي رهيا آهيو ته هندي ڳالهائڻ به سکو.