آفر آرڊر ڏيو: پي ايس ٽي اميدوارن جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ: چڪريون:ڪيترا گرفتار  

آفر آرڊر ڏيو: پي ايس ٽي اميدوارن جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ: چڪريون:ڪيترا گرفتار  

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج، سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش، پوليس اميدوارن مٿان ڪڙڪي پئي، ڪيترائي اميدوار گرفتار ڪري  مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪري ڇڏيا، ان موقعي تي اميدوارن چيو ته پنجن مهينن کان پرامن احتجاج تي ويٺل آهيون. سنڌ حڪومت نوٽيس وٺڻ بجاءِ پوليس هٿان لاٺي چارج ڪرايو آهي. ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باجود روزگار نٿو ڏنو وڃي، سنڌ ۾ ٻٽي پاليسي تحت هارڊ ايريا جو جواز ڄاڻائي 33 مارڪن تي پاس اميدوارن کي ماستري جا آفر آڊر جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 40  يا ان کان مٿي مارڪون حاصل ڪندڙ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي اميدوارن کي 4 سالن کان ويٽنگ لسٽ ۾ شامل ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي اميدوارن الزام هڻندي چيو ته ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اهڙن اميدوارن کي به آفر آرڊر ڏنا ويا، جن ڪوڙين ڊگرين ذريعي گريس مارڪون ورتيون، سنڌ جي تعليم يافته بيروزگار نوجوانن سان ويساهه گهاتيون ڪيون پيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار اميدوارن کي آزاد ڪري آفر آڊر جاري ڪيا وڃن، هنن چيو ته 150 ڏينهن کان سراپا احتجاج آهيون، ڪو به حڪومتي نمائندو لڙي نه آيو آهي، آفر آرڊر ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو.