آفيشل سيڪريٽ ائڪٽ عدالت اسلام آباد ۾ اسد عمر جي ضمانت ۾ واڌ

آگسٽ 29, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي ضمانت ۾ 14 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ اسد عمر پيش ٿيو

 اسد عمر جو وڪيل بابر اعوان به ساڻس گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، ڪيس جي اسپيشل جج ابوالحسنات ذوالقرنين ٻڌڻي هلائي، عدالت اسد عمر جي عبوري ضمانت ۾ 14 سيپٽمبر تائين جي واڌ ڪري ڇڏي

ڪيس جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر  تائين ملتوي ڪئي وئي، پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سائفر گمشدگيءَ بابت چيئرمين تفصيلي جواب ڏئي چڪو آهي

هن چيو ته توشا خانه ڪيس جو فيصلو آهي، اميدآهي ته سٺو فيصلو ايندو، صحافي سوال ڪيو ته پرويز خٽڪ چوي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پارٽيءَ ۾ ڊڪٽيٽر بڻيل هو؟ جنهن تي اسد عمر چيو ته مون کي ته ڪٿي به ڊڪٽيٽر نظر نه آيو

عمران سان ملاقات نه ڪرڻ بابت سوال تي اسد عمر چيو ته اسان جي وائيس چيئرمين کي ملڻ نه ڏنو ويو، صرف وڪيلن کي ملڻ جي اجازت آهي

Leave A Comment