اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڏوهن جو تعين فوج کي ئي ڪرڻو آهي، فوجي عدالت فرد جرم لاڳو ڪري سگهي ٿي پر ٽرائل سول ڪورٽ ۾ هلندو
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 7 رڪني بيچ پاران فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي جاري آهي
چيف جسٽس عمرعطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته فوج دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سولينز جي حوالگي جي درخواست ڏئي سگهي ٿي، فوج جي سولينز جي حوالگي واري درخواست ۾ رڳو ٺوس بنياد نه ڏنو ويو، اٽارني جنرل کان پڇنداسين ته ٺوس بنياد بڻائي سولينز جي حوالگي جي درخواست ڇو نه ڏني وئي
جسٽس اعجاز الحسن سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي کان سوال ڪيو ته ڪهڙن ڏوهن تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ لڳي ٿو؟ آرمي ايڪٽ ڪڏهن عمل ۾ اچي ٿو اهو ٻڌايو، قانوني طور جيڪڏهن فوج سويلين جي حوالگي جو چوي ٿي ته ريفرنس وفاقي حڪومت کي موڪليو ويندو آهي فوج رڳو فرد جرم لاڳو ڪري سگهي ٿي پر ٽرائل ته سول عدالت ۾ هلندو ٻڌايو ته ڪمانڊنگ آفيسر انتظامي جج کان ڪهڙي بنياد تي سويلين جي حوالگي جو مطالبو ڪندو؟ ڪو دستاويز ت ڏيکاريو جنهن جي بنياد تي سويلينز جي حوالگي جو مطالبو ٿئي ٿو
سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته منهنجي درخواست ٻين درخواستن کان الڳ آهي، مون درخواست ۾ آرمي ايڪٽ کي چئلينج نه ڪيو آهي، منهنجو اهو موقف نه آهي ته سولينز جو آرمي ٽرائل نه ٿو ٿي سگهي، فوجي عدالتن ۾ سولينز جا ٽرائل ٿيندا رهيا آهن، منهنجو موقف اهو آهي ته سليڪٽڊ ماڻهن جو آرمي ٽرائل غلط آهي
جسٽس منصور شاهه چيو ته آرمي ٽرائل ته تڏهن ٿيندو آهي جڏهن معاملو قومي سلامتي جو هوندو آهي، سولينز آرمي ايڪٽ يا آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪڏهن ڪئي
سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ ٻڌڻي ۾ جمعي نماز جو وقفو ڪري ڇڏيو