آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، سياسي مداخلت: فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ٽرائل مڪمل، هلندڙ مهيني فيصلي جا امڪان

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، سياسي مداخلت: فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ٽرائل مڪمل، هلندڙ مهيني فيصلي جا امڪان

ڪراچي(م ڊ) آءِا يس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل ٽرائل مڪمل ٿي ويو، نجي ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته فيصلو 28 نومبر تائين اچڻ جا امڪان آهن، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فيض حميد کي موت جي سزا کان وٺي 5 سال ٽيپ ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي رپورٽر جو چوڻ آهي ته عمران خان جي دور ۾ سڀ کان طاقتور آفيسر آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ٽرائل مڪمل ٿي ويو، اهو ٽرائل 13 نومبر 2025ع تي مڪمل ٿيو. ڪيس ڊسمبر 2024ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ 11 مهينا ڪيس هليو. نجي ٽي وي موجب هن ڪيس ۾ پراسيڪيوشن وڌيڪ وقت ورتو. هنن شاهد پيش ڪيا. 800 کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل ثبوت ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا. رپورٽ موجب هي ڪيس ميجر جنرل رينڪ جي ٽن آفيسرن هلايو آهي. فيض حميد جي حمايت ۾ به شاهدن جي لسٽ پيش ڪئي وئي پر جوابدار جي وڪيلن جو مطالبو هو ته ڪورٽ شاهدن کي گهرائي ۽ انهن جا سمن جاري ڪري پر عدالت ان کان انڪار ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيض حميد جي خاندان جي ماڻهن رابطا ڪيا ته سندس حق ۾ بيان ڏيڻ لاءِ 40 ماڻهو راضي ٿيا. پر فيض سان ملاقات لاءِ رڳو 3 آيا ته جيئن انهن سان ملي ۽ ڪيس بابت شاهدي جو ٻڌايو وڃي انهن ۾ ٻه جنرل ۽ هڪ برگيڊيئر هو انهن ملاقات ڪئي. انهن جا بيان ملاقات واري ڏينهن رڪارڊ ڪيا ويا. رپورٽ موجب جنرل فيض تي 3 بنيادي الزام هن ته هائوسنگ سوسائٽي لاءِ اختيارن جو غلط استعمال ڪيو. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ سياست ۾ مداخلت ڪئي. سموري ٽرائل ۾ 9 مئي جي حوالي سان سندس ڪردار تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي وارو الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ وڌ ۾ وڌ موت جي سزا ڏئي سگهجي ٿي جڏهن ته عمر قيد جي سزا ۽ 10 کان 7 سال قيد جي سزا به ملي سگهي ٿي. ائين ئي سياست ۾ مداخلت واري الزام جي به سزا آهي. اختيارن جي ناجائز استعمال واري الزام ۾ مختلف سزا آهي. رپورٽ موجب ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو لکڻ ۾ 10 کان 12 ڏينهن لڳندا آهن جنهن بعد ان فيصلي جو جائزو ورتو ويندو آهي ۽ آرمي چيف جي منظوري سان اهو جاري ڪيو ويندو آهي. 25، 26، 27 ۽ 28 نومبر تائين ڪنهن به ڏينهن فيصلو اچي سگهي ٿو. رپورٽ موجب فيصلو اچڻ بعد سزا ملڻ جي صورت ۾ اپيل ڪئي ويندي جنهن بعد ليفٽيننٽ جنرل رينڪ جا آفيسر ان اپيل جو فيصلو ڪندا. انهن به سزا برقرار رکي ۽ وري اپيل ڪئي وئي ته اها اپيل وري آرمي چيف وٽ ويندي جتان فيصلو ايندو.