اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميم بل معاملي جي جاچ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي
درخواست ايڊووڪيٽ ذوالفقار ڀٽه پاران داخل ڪرائي وئي، وفاقي حڪومت کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته معاملي جي جاچ جي لاءِ حڪومت کي 10 ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي
درخواست جي ٻڌڻيءَ هيٺ هجڻ تائين آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ائڪٽ تي عملدرآمد روڪيو وڃي، صدر جي بيان بعد قانون سازيءَ تي سوال اٿي رهيا آهن، آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ترميمي ائڪٽ سان عوامي حق لاڳاپيل آهن