| آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا گرل فرينڊ جي وڊيو ٺاهڻ تي پاپرازي تي مڇرجي پيو |
نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا پنهنجي گرل فرينڊ ماهيڪا شرما جي وڊيو ٺاهڻ تي پاپرازي تي تنقيد ڪئي ۽ سوشل ميڊيا تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي،ڪرڪيٽر چيو ته جنهن رک کان ماهيڪا جي وڊيو ٺاهي وئي آهي اها انتهائي غير اخلاقي آهي ۽ هڪ حد پار ڪرڻ جي برابر آهي.هاردڪ پانڊيا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو، “مان سمجهان ٿو ته عوامي زندگي ۾ هجڻ جو مطلب آهي ڌيان ۽ تنقيد کي منهن ڏيڻ، اهو ان رستي جو حصو آهي، جيڪو مون چونڊيو آهي، پر اڄ جيڪو ٿيو اهو هڪ حد پار ڪري ويو.”هن چيو ته ماهيڪا باندرا ۾ هڪ ريسٽورنٽ جي ڏاڪڻين تان لهي رهي هئي جڏهن پاپرازي هن کي هڪ اهڙي رک کان رڪارڊ ڪيو جنهن جي ڪا به عورت مستحق ناهي، هڪ خانگي لمحي کي سنسني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.اڳتي لکندي، هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته حدن جو احترام ڪن.هن چيو ته هي خبرن يا تصويري مقابلي جو معاملو ناهي، هي بنيادي عزت ۽ وقار جو معاملو آهي، عورتون عزت جي لائق آهن، هر ڪنهن جون پنهنجون حدون هجڻ گهرجن، ميڊيا ۾ انهن ڀائرن کي جيڪي هر روز محنت ڪن ٿا، مان توهان جي جدوجهد جي تعريف ڪريان ٿو، پر مان توهان کي گذارش ڪريان ٿو ته سوچي سمجهي ڪم ڪريو، هر شيءِ جي تصوير هجڻ ضروري ناهي، هر رُک وٺڻ ضروري ناهي، ان ۾ ڪجهه انسانيت هجڻ گهرجي.