آل پاڪستان انٽر يونيورسٽيز جوڊو چيمپئن شپ شروع ٿي وئي

آل پاڪستان انٽر يونيورسٽيز جوڊو چيمپئن شپ شروع ٿي وئي

ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزبانيءَ هيٺ ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي سهڪار سان آل پاڪستان انٽر يونيورسٽيز جوڊو (ميل) چيمپيئن شپ 2025-26 مير قائم خان ٽالپر اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ شروع ٿي وئي آھي، جنهن جو افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ربن ڪٽي ڪيو 50 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب لاهور جو عثمان ۽ اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جو بلال ڪواليفاءِ ڪيا۔ 55 ڪلوگرام ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري جي حاشر خانزادي ۽ يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب لاهور جي حسنين ڪاميابي ماڻي، 60 ڪلوگرام ۾ اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جو سلمان ۽ سرسيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي جو احمد علي ڪامياب ٿيا۔73 ڪلوگرام ۾ اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جو گلفام ۽ يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب لاهور جو معاذ ضياءَ ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو۔ مقابلا اربع، 12 نومبر تائين جاري رهندا۔