| آمريت يا عوام دشمن سوچ سان سمجهوتو نه ٿيندو: ذوالفقار شاهه |
نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجهو ڳوٺ نواب خان پالاري ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سائين ذوالفقار علي شاهه، اسلم نواب پالاري ۽ ارشد نواب پالاري جي ڀائٽي اشفاق پالاري جي وفات تي تعزيت ڪئي. هن ڏک جي گهڙي ۾ وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا پڻ گهري ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ جمهوري ۽ عوام دوست پارٽي آهي، جيڪا هميشه ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سياست عوامي خدمت تي ٻڌل آهي ۽ اها ڪنهن به صورت ۾ آمريت يا عوام دشمن سوچ سان سمجهوتو نٿي ڪري، ذوالفقار علي شاهه وڌيڪ چيو ته ايندڙ وقت ۾ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو جيڪو نوجوانن جي اميدن جو مرڪز، روشن مستقبل جي علامت ۽ سچي جمهوري قيادت جو نشان آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته پيپلز پارٽي جو عوام سان مضبوط ناتو آهي صوبائي وزير مرحوم اشفاق پالاري جي وارثن کي صبر جميل جي تلقين ڪندي چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙي ۾ پيپلز پارٽي هر وقت عوام سان گڏ بيٺل آهي.