آمريڪا، اسرائيل يا ايران سان گڏ آهيو؟ لاريجاني پاران مسلم ملڪن مٿان تنقيد

آمريڪا، اسرائيل يا ايران سان گڏ آهيو؟ لاريجاني پاران مسلم ملڪن مٿان تنقيد

تهران: اسرائيل پاران علي لاريجاني کي نشانو بڻائڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد علي لاريجاني جو پيغام جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ لاريجاني مسلم ملڪن پاران ايران جي حمايت نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، لاريجاني پنهنجي پيغام  ۾ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪوئي اسلامي حڪومت ايران جي عوام سان گڏ ناهي، سواءِ ڪجهه غير معمولي معاملن ۽ رڳو سياسي بيانن تائين رهڻ وارا مثالن جي، هن چيو ته هڪ طرف آمريڪا ۽ اسرائيل آهن، ٻئي طرف مسلم ايران ۽ مزاحمتي قوتون، اوهان هن جنگ ۾ ڪنهن سان گڏ آهيو؟ هن آمريڪي فوج جي ميزباني ڪندڙ ۽ اسرائيل سان لاڳاپا بهتر ڪندڙ نار وارن ملڪن تي تنقيد ڪئي، لاريجاني سوال اٿاريو ته ڇا ايران مان اها اميد ڪئي پئي وڃي ته هو هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي؟، جڏهن ته اوهان جي ملڪن ۾ موجود آمريڪي اڏن کي حملن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.