آمريڪا ايران- اسرائيل جنگ ۾ لهي پيو، ايران تي حملا

جُون 22, 2025

واشنگٽن ( پنهنجي ڊيسڪ ) آمريڪا ايران-اسرائيل جنگ۾ لهي پيو ۽ ايران تي حملا ڪري ڏنا آهن، آمريڪا ايران جي فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ ائٽمي ٿاڪن تي حملا ڪري ڏنا، ايٽمي جوهري ٿاڪن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي،  حملن بعد آمريڪي صدر ڊونلڊ  ٽرمپ دعويٰ ڪندي چيوآهي ته ايران جي فردو ائٽمي ٿاڪ کي مڪمل طور تي  تباهه ڪيو ويوآهي،  ايراني ايٽمي ٿاڪن تي حملي کان پوءِ، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هاڻي يا ته امن ٿيندو يا ايران لاءِ مشڪل حالتون  هونديون، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ايران جي وس ۾ نه   هوندو،واشنگٽن ۾ ڳالهائيندي، صدر ٽرمپ چيو ته ايران جي فورڊو، نطنز ۽ اصفهان ۾ ايٽمي سهولتن کي نشانو بڻايو ويو، آمريڪا جو مقصد ايران جي ايٽمي افزودگي جي صلاحيت کي تباهه ڪرڻ هو ۽ ايران جا  ايٽمي ٿاڪ تباهه ڪيا ويا آهن، ايران جا جوهري نشان اڃان باقي آهن،  جن کي به تباهه ڪيو ويندو،صدر ٽرمپ چيو ته ايران کي هاڻي امن قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن امن قائم نه ٿيو ته مستقبل ۾ حملا تمام گهڻا سخت هوندا ۽ هاڻي يا ته امن هوندو يا ايران لاءِ ڏکيو وقت هوندو ، ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ايراني ايٽمي سهولتن کي نشانو بڻائڻ تي ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي،نيتن ياهو چيو ته صدر ٽرمپ جو ايران جي ايٽمي  ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جو جرئتمندانه فيصلو تاريخ بدلائي ڇڏيندو،اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسرائيل آپريشن رائزنگ سن ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي پر  رات ايران جي ايٽمي سهولتن خلاف ڪارروائي ڪري آمريڪا اهو ڪم ڪيو جيڪو دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ نه ڪري سگهيو، ٻئي طرف ايراني ايٽمي توانائي تنظيم هڪ بيان ۾ ايٽمي هنڌن تي آمريڪي حملي جي تصديق ڪندي چيو ته دشمن فردو، نطنز ۽ اصفهان ايٽمي هنڌن کي نشانو بڻايو آهي،  ايران چيو ته ايٽمي ٿاڪن تي حملو بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي آهي ۽ ايران پنهنجي قومي صنعت جي ترقي کي روڪڻ جي اجازت نه ڏيندو،ايران جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ايٽمي جوهري  ٿاڪن تي آمريڪي حملي جي باوجود، ايران پنهنجون ايٽمي سرگرميون جاري رکندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • حميرا اضغر جي قتل جا افواهه، الزام هيٺ آيل ميرپورخاص واسي منظر عام تي اچي ويو

  • گڊو بئراج تي ننڍي ٻوڏ، پاڻي سکر ڏانهن وڌڻ لڳو، بندن تي دٻاءُ وڌي ويو

  • ڪراچي چيمبر پاران به لاهور چيمبر جي هڙتال جي حمايت جو اعلان

  • اي آءِ به جرڳا ڪرڻ لڳي، بلوچستان ۾ٻن قبيلن جي پراڻي تڪرار جو نبيرو