آمريڪا–ايران جنگبندي: امن ڏانهن پهريون قدم-  پر ڇا حل جٽادار ٿي سگھندو؟ … سسئي پليجو

                 ھن وقت دنيا جون نظرون مسلسل پاڪستان جي گاديءَ واري شھر اسلام آباد ڏانھن آھن تہ ڇا امن کي جنگ تي ترجيح ملي سگھندي، ڇا وقتي جنگبندي مستقل پرامن فضا قائم ڪرڻ جو رستو کوليندي يا ھٹ ڌرم ملڪ پنھنجي جنگي مجرم يارن سان گڏ ٿي دنيا کی دوزخ ڏانھن ڌڪڻ جي سامان جو بندوبست ڪري سڄي خطي ۾ رڻ ٻاري ڏيندا. ايران ۾ ڪيترن ئي حوالن سان جمھوري اصلاح جي گنجائش يا ضرورت رھي ھوندي پر ان جو ھرگز اھو مطلب نہ ھو تہ ايئن ٺڳيون ڪري ڊائلاگ جی پروسیس دوران اوچتو رات وچ ۾ ايران تي جارحاڻا حملا ڪري ان جي سڄي اھم ليڊرشپ، ڪیبینٹ، سائنسدان، پی ایچ ڊيز، عام مانھو، عورتون،  نوجوان ميزائيل حملن ۾ ٻارين ٻچين اڏائي تھران جي معصوم اسڪولي سوين نياڻين کي موتمار نشانو بنائي ھر تاریخی تھذیبی عمارت، گلي گھٽي نيست نابوت ڪجي. اسرائیل بدمست ٿي امریڪا سان گڈجی اھا قیامت ڪیرائی. ان جي جيتري مذمت ڪجي، سا گھٽ آھي، ايڏا لاش، ايڏيون شھادتون ھر ھڪ جي دليري سان لبريز ڪھاڻي.

اقبال چيو تہ،

مزارِ شہیداں یکے عناں درکش

کہ بے زبانیء ما حرف گفتنی دارد

(اسان شھيدن جي مزار جي ڀرسان ٿورو لڳام ڏي(گھوڙي کي) جو اسان جي بي زباني بہ گفتگو جو حرف رکي ٿي).

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگبندي کي ساراهڻ گھرجي، پر ساڳئي وقت اهو به ڏسڻو پوندو ته ان تي ڪيتري حد تائين عمل ٿئي ٿو۔ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان دنيا جي اهم ملڪن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ هاڻوڪي سفارتڪاري وقتائتي ۽ سمجھداري تي ٻڌل رهي، جنهن جو نتيجو ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عارضي جنگبندي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي۔ جڏهن ته ايراني اسپيڪر طرفان اهو به چيو ويو آهي ته جنگبندي جي ڀڃڪڙي شروع ٿي چڪي آهي۔

ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي يقيناً امن ڏانهن هڪ پهريون قدم آهي۔ جيڪڏهن ڌريون سمجھداري ۽ بردباري سان ڳالهيون جاري رکن ٿيون ته اهو قدم مستقل امن جون راهون به کولي سگهي ٿو۔

پاڪستان جي ڪامياب سفارتي حڪمت عملي ۽ ڪوششن سبب خطو وڏي تباهي کان بچي ويو، پر اڳتي هلي آمريڪا جي حڪمت عملي کي به غور سان ڏسڻو پوندو ته اها سچائي تي ٻڌل آهي يا ڪنهن عياري جو حصو۔ اهو پڻ ڏسڻو پوندو ته ڳالهين کي ڪيتري سنجيدگي سان ورتو وڃي ٿو، ڇو ته هن وقت آمريڪا اندر ئي آرٽيڪل 25 جهڙيون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن۔ جنگ کان اڳ ايران اعتماد سان ڳالهين ۾ شامل رهيو، پر اوچتو اسرائيلي سازشن تحت آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان حملا ڪيا ويا، جن جو ايران وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو۔ هاڻي دنيا ايران کي هڪ نئين نظر سان ڏسي رهي آهي۔

اسرائيل جي بيچيني ۽ غير سنجيده رويا به واضح ٿي سامهون آيا آهن، جڏهن ته ٽرمپ جي پاليسين جي يو-ٽرن ۽ غير جمهوري ۽ غير انساني انداز به بي نقاب ٿي ويو آهي۔ دنيا جي لکين ماڻهن روڊن تي نڪري جنگ خلاف احتجاج ڪيو ۽ امن جو مطالبو ڪيو۔

ايران جهڙا ملڪ صرف عارضي نه پر مستقل حل چاهين ٿا، جنهن لاءِ سنجيده ۽ ٺوس قدم کڻڻ ضروري آهن۔ ايران صرف هڪ ملڪ نه پر هڪ عظيم تهذيب جو مرڪز رهيو آهي، جيڪو پابندين ۽ حملن سبب وڌيڪ سخت ردعمل ڏيکاري رهيو آهي۔ اسرائيلي ۽ آمريڪي جارحيت پوري خطي ۾ خوف ۽ نفرت پيدا ڪئي آهي، جيڪا دنيا قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔

ايران جي مزاحمت پنهنجي انقلابي جوهر ۾ وڌيڪ خطرناڪ نظر اچي رهي آهي، انهن لاءِ پنهنجي قديمي وجود سان گڏ حق ۽ باطل جي جنگ وقت اچڻ تي فرض بڻجي وڃي ٿي. اڪثريت شايد اهو فيصلو ڪري چڪي آهي ته هاڻي آر يا پار ٿيندو.نٽرمپ جي حڪمراني دوران اهي آمريڪي سينيئر فوجي آفیسرز جن جنگي ڏوهن ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ قانوني اصولن جي پاسداري جي ڳالهه ڪئي، انهن کي فوري طور هٽايو ويو يا انهن جي جاءِ تي ٻين کي آندو ويو. اهڙا منظر ۽ فيصلا عام طور جنگين جي وچ ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر جڏهن حڪمران غير سنجيده ۽ غير ذميوار مافیا لڳي، تڏهن ڪجهه به ممڪن ٿي سگهي ٿو.

باشعور آمريڪي، جيڪي جمهوري روين تي يقين رکن ٿا ۽ حقيقي انسان دوست جذبا رکن ٿا، اهي ئي ٽرمپ ۽ اسرائيل جي سڀ کان وڌيڪ مذمت ڪندي نظر اچن ٿا. اهي ماڻهو باقاعدي احتجاجن ۾ شرڪت ڪري جنگ ختم ڪرڻ جا زور ڀريا مطالبا ڪندا نظر اچن ٿا. ٽرمپ ۽ اسرائيل جي پاليسين جي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن۔ يورپ پڻ اهڙي جارحيت جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي۔

مذاڪرات جو مڪمل حل شايد پاڪستان جي هٿ ۾ نه هجي، پر ملڪن جي وچ ۾ رابطا پاڪستان ذريعي ٿي رهيا آهن، ۽ اميد آهي ته پاڪستان پنهنجي سمجھدار سفارتڪاري سان امن جي راهه هموار ڪندو۔ جنگبندی لاءِ پاڪستان مان وزیراعظم ع فیلڊ مارشل جو تہ ذڪر آھی ئي آھی پر جیڪو اسین بہ ڈسوں ٻڌون پیا تہ پس پردہ صدر آصف علی زرداری بہ ان حوالي سان ڪافی سرگرم رھیا ۽ جنگبندی لاءِ ڪوششون ورتیون.

چين پڻ پرامن حل جو خواهشمند آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ ٻئي طرف اسرائيل جي جارحانه روش خطي لاءِ خطرو بڻيل آهي، جنهن کي روڪڻ ضروري آهي۔ دنيا جا ڪيترائي ملڪ جنگبندي جو خيرمقدم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته فرانس،  چائنا ، پاڪستان به لبنان خلاف اسرائيلي ڪاررواين جي مذمت ڪندي جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي۔ ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آھي تہ لبنان ۾ بہ جنگبندي ٿيڻ ضروري آھي نہ تہ ڳالھيون ئي بي معنيٰ ٿينديون. ڏٺو وڃي تہ صرف ايران تي ئي آمريڪا اسرائيل جا 11 ھزار کان وڌيڪ Offensive  operations ڪري حملا ڪيا ويا. ان سڄي صورتحال ۾ جتي سڄي خطي جي معاشي چيلھ چٻي ٿي وئي پر دنيا ۾ توانائي جو شديد بحران رھيو آھي. ڈسجی تہ جنگبندی جون ڳالھیون ڪٿي انت ڪن ٿيون ۰

اڪثريت هاڻي اهو سمجهي چڪي آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي۔ دنيا اڳ ئي معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، تنهن ڪري ان کي ايٽمي ۽ بارودي جنگين کان هر حال ۾ بچائڻ ضروري آهي۔

جنگ جو رستو روڪڻو پوندو۔