آمريڪا- ايران جنگ جو ناروي کي به فائدو، تيل مهانگو وڪرو

آمريڪا- ايران جنگ جو ناروي کي به فائدو، تيل مهانگو وڪرو

دوحا (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ سان ناروي کي مالي فائدو ٿيو آھي ۽ تيل جي ايڪسپورٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پھچي وئي آھي. ناروي روس کان پوءِ يورپ ۾ تيل ۽ قدرتي گئس جو سڀ کان وڏو پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. ان مارچ ۾ 57.4 بلين ڪرونر (6.08 بلين ڊالر) جو ڪچو تيل ايڪسپورٽ ڪيو، جيڪو هڪ سال اڳ ساڳئي مهيني کان 67.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مارچ ۾ تيل جي قيمت سراسري طور تي 1,014 ڪرونر (107.52 ڊالر) في بيرل هئي، جيڪا سيپٽمبر 2023 کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ماھوار سطح آهي.