ايران پاڙيسري عراق جي نيم خودمختيار ڪرد علائقي ۾ ايراني ۽ عراقي ڪرد گروهن کي نشانو بڻائيندي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران شروع ڪيل علائقائي جنگ ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن۔ سرڪاري ٽيليويزن پريس ٽي وي خميس جي صبح سوير رپورٽ ڏني ته تهران “ايران مخالف عليحدگي پسند قوتن” تي حملا ڪري رهيو آهي، جنهن مان مراد ايراني ۽ عراقي ڪرد گروهه آهن، جيڪي ايران- عراق سرحد ويجهو جبلن ۽ ڏکين علائقن ۾ موجود هجڻ جو شڪ آهي۔ مقامي رپورٽن موجب ايراني ميزائل نيم خودمختيار ڪردستان علائقي جي شهر سليمانيہ تي لڳا۔ “اسان عراقي ڪردستان ۾ انقلاب جي مخالف ڪرد گروهن جي هيڊڪوارٽرن کي ٽن ميزائلن سان نشانو بڻايو،” ايران جي سرڪاري خبر ايجنسي ارنا خميس تي فوجي بيان جو حوالو ڏيندي ٻڌايو. ايراني فوج اڳ ۾ اڱاري ڏينهن چيو هو ته هن ڪرد پوزيشنن تي “30 ڊرون” استعمال ڪيا آهن۔ هي حملو انهن رپورٽن کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ٿيو آهي، جن ۾ چيو ويو هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايراني ۽ عراقي ڪرد گروهن سان ڳالهين ۾ سرگرميءَ سان مصروف آهي، ۽ واشنگٽن چاھي ٿو ته انهن کي استعمال ڪري عوامي بغاوت کي اُڀاريو وڃي۔
مختلف ايراني ڪرد گروهه، جن جا عراقي ڪردن سان ويجها لاڳاپا آهن، ڪافي عرصي کان اتر عراق ۽ عراق- ايران سرحد سان لڳندڙ علائقن ۾ پنهنجن اڏن تان تهران جي مزاحمت ڪندا رهيا آهن۔ ٻڌايو وڃي ٿو ته انهن سڀني گروهن وٽ گڏيل طور هزارين ويڙهاڪ موجود آهن۔
ڪرد گروهه آمريڪا سان ڇو سھڪار ڪري رهيا آهن؟
آمريڪي عملدارن موجب، مقصد اهو آهي ته ايراني فوجن کي مختلف محاذن تي مصروف رکيو وڃي ۽ فوج جي اثر هيٺ هلندڙ ايراني حڪومت جي باقي بچيل ڍانچي کي ختم ڪيو وڃي، جيئن ته CNN جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي۔ اهڙا به انومان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته انهن گروهن کي اتر ايران تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ڏني وڃي، ته جيئن اسرائيلي فوجن لاءِ زميني بفر علائقو ٺاهيو وڃي، جيڪي ممڪن آهي ته عراق مان داخل ٿين۔
جنگ جي شروعات واري ڏينهن (ڇنڇر) کان پوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جي بمباري، خاص طور تي عراق- ايران سرحد سان لڳندڙ علائقن کي سخت نشانو بڻايو آهي۔ آمريڪا ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ “سوفان سينٽر” جي بريفنگ موجب، شايد ان جو مقصد ايراني دفاعي نظام کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ڪرد مخالف گروهن کي مڪمل طور ايران ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي۔ آمريڪا زميني فوج موڪلڻ جي امڪان کي رد ناهي ڪيو، پر تجزيه نگارن الجزيره کي ٻڌايو ته ايران جي ڏکي جاگرافيائي سرزمين سبب اهو ڪم تمام مشڪل هوندو۔ برطانيا جي ٿنڪ ٽينڪ Chatham House جي ايسوسيئيٽ فيلو ونٿروپ راجرز الجزيره کي ٻڌايو تہ، جيڪڏهن آمريڪا تهران خلاف انهن ڪرد گروهن جي حمايت ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته واشنگٽن انهن هٿياربندن کي “بساط تي موجود مھرن” وانگر استعمال ڪري رهيو آهي.
ڪهڙا ڪرد گروهه موجود آهن؟
گذريل خميس تائين نه آمريڪا ۽ نه ئي ڪرد گروهن ڪنهن به قسم جي معاهدي جي تصديق ڪئي آهي۔ پر اهو معلوم ٿيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عراق ۾ ٻن ڪرد گروهن جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي: مسعود بارزاني، جيڪو ڪردستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي (KDP) جو اڳواڻ آهي، ۽ بافل طالباني، جيڪو پيٽريوٽڪ يونين آف ڪردستان (PUK) جو اڳواڻ آهي۔ آمريڪي پبليڪيشن Axios موجب، اها ڳالهه سامهون آئي آهي، جڏهن ته طالباني گذريل اربع ڏينهن فون ڪال جي تصديق ڪئي۔ سي اين اين جي رپورٽ مطابق، ٽرمپ اڱاري ڏينهن ايران جي ڪردستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي (KDPI) جي سربراهه مصطفيٰ هجري سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن جو حوالو هڪ ڪرد عملدار ڏنو۔ ان دوران، ايراني ڪرد باغي گروهه، جن وٽ عراق- ايران سرحد سان گڏ هزارين ويڙهاڪ موجود آهن، جنگ شروع ٿيڻ کان هڪ هفتو اڳ “ايراني ڪردستان جي سياسي قوتن جو اتحاد” (CPFIK) قائم ڪيو۔
هن اتحاد جنگ شروع ٿيڻ وقت بيان جاري ڪري ممڪن مداخلت جا اشارا ڏنا ۽ ايراني فوج جي ميمبرن کي حڪومت کان الڳ ٿيڻ (بغاوت ڪرڻ) جي اپيل ڪئي۔ اسرائيلي چينل I24News موجب گذريل اربع تائين هن اتحاد جا هزارين ويڙهاڪ ايران جي اندر موجود هئا۔
مختلف گروهن جو جائزو:
ڪردستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي (KDP):
هي نيم خودمختيار ڪردستان ريجنل گورنمينٽ (KRG) جي حڪمران پارٽي آهي۔ هي پارٽي گاديءَ جي شهر اربيل ۽ دهڪ (دهوڪ) تي ڪنٽرول رکي ٿي ۽ تاريخي طور ايراني ڪرد گروهن سان ويجها لاڳاپا رکي ٿي۔ تنهن هوندي به ڪردستان ريجنل گورنمينٽ ايران خلاف حملن جي حمايت ڪندي نظر اچڻ نٿي چاهي، جيتوڻيڪ ايراني ڊرون اربيل ۾ آمريڪي اثاثن کي نشانو بڻائي چڪا آهن
گذريل اربع ڏينهن ڪردستان علائقي جي صدر، پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته سندس علائقو تهران کي نشانو بڻائيندڙ تڪرارن جو حصو نه بڻجندو۔ 2023 ۾ ٻنهي ملڪن هڪ سيڪيورٽي معاهدو ڪيو هو، جنهن تحت عراق واعدو ڪيو ته هو پنهنجي علائقي ۾ موجود ايراني مخالف گروهن کي هٿيار ڦٽا ڪرائي ٻي هنڌ منتقل ڪندو۔ پر لڳي ٿو ته ڪيترائي گروهه اڃا به اتي موجود آهن، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته حڪومت جو انهن تي اثر محدود آهي۔
تجزيه نگار روجرز موجب، عراقي ڪرد، جن جا آمريڪا ۽ ايران ٻنهي سان ويجها لاڳاپا آهن، “تمام ڏکئي صورتحال” ۾ آهن. هن چيو: “انهن تي مختلف قوتن طرفان سخت دٻاءُ آهي، جن ۾ ايران جي حمايت ڪندڙ عراقي مليشيا به شامل آهي۔ اهي جيترو ممڪن ٿيو، تڪرار کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا، پر شايد اهو ممڪن نه رهي.”
پيٽريوٽڪ يونين آف ڪردستان (PUK):
هي نيم خودمختيار ڪردستان علائقي ۾ سرڪاري مخالف ڌر آهي ۽ قومي سطح تي به اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته عراق جو صدر عبداللطيف راشد هن پارٽيءَ جو ميمبر آهي۔ گذريل آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ھن ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ ۽ جنگ ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي۔
عراق گذريل ڇنڇر ڏينهن تهران تي آمريڪا- اسرائيل جي حملي ۾ ايران جي اڳواڻ علي خامنه اي جي قتل کان پوءِ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو۔
ايراني ڪردستان جي سياسي قوتن جو اتحاد (CPFIK):
هي اتحاد 22 فيبروري 2026 تي ٺهيو، جنهن ۾ ڇهه ايراني ڪرد مخالف گروهه شامل آهن، جيڪي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ چاهين ٿا۔
ايران جي ڪردستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي (KDPI):
هي گروهه ڪردستان علائقي ۾ موجود آهي ۽ ان جا لڳ ڀڳ 1,200 ميمبر آهن۔ ايران هن گروهه کي “دهشتگرد تنظيم” قرار ڏئي چڪو آهي۔
ڪردستان فريڊم پارٽي (PAK):
هي به ڪردستان علائقي ۾ قائم آهي ۽ اندازي مطابق ان جا لڳ ڀڳ 1,000 ميمبر آهن۔
ڪردستان فري لائف پارٽي (PJAK):
هي تنظيم ترڪيہ جي هٿياربند مخالف گروهه Kurdistan Workers’ Party سان ويجهو ساٿ رکي ٿي۔ ترڪيہ هن تنظيم کي پڻ “دهشتگرد گروهه” قرار ڏنو آهي۔
PJAK جي هٿياربند ونگ “ايسٽرن ڪردستان يونٽس (YRK) سڏجي ٿي، جنهن ۾ اندازي مطابق 1,000 کان 3,000 ويڙهاڪ آهن، جن مان ڪيتريون ئي عورتون آهن۔ هي گروهه ايران- عراق سرحد ويجهو ڏکين جبلن، خاص طور تي قنديل جبلن ۽ نيم خودمختيار ڪردستان علائقي ۾ موجود آهي۔ گذريل ڏهن سالن دوران هن تنظيم ايراني فوجن تي ڪيترائي حملا ڪيا آهن۔ تازو هڪ ايراني حملي ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هن گروهه جو هڪ ويڙهاڪ مارجي ويو ھو۔
ايراني ڪردستان جدوجهد تنظيم (Khabat):
هن تنظيم وٽ ڪيترا ويڙهاڪ آهن، ان بابت صحيح انگ معلوم ناهي۔
ڪومالا آف دي ٽوئلرز آف ڪردستان:
هي تنظيم عراق جي ڪردستان ريجنل گورنمينٽ (KRG) واري علائقي ۾ قائم آهي، ۽ ان جي ويڙهاڪن جو صحيح انگ معلوم ناهي۔
ڪومالا پارٽي آف ايراني ڪردستان (KPIK):
هي پارٽي پڻ ڪردستان علائقي ۾ قائم آهي ۽ 2017 جي اندازي موجب ان وٽ لڳ ڀڳ 1,000 ويڙهاڪ هئا۔
وچ اوڀر ۾ ڪرد مزاحمتي گروهن سان آمريڪا جي ساٿ جي تاريخ:
ڪرد وچ اوڀر ۾ پکڙيل هڪ نسلي اقليت آهن، جن جي پنهنجي گڏيل ٻولي ۽ ثقافت آهي۔ انهن جي پنهنجي الڳ رياست ناهي، ۽ تاريخي طور تي اهي مختلف ملڪن ۾ نظرانداز ٿيندا رهيا آهن – خاص طور تي ايران، عراق، شام ۽ ترڪيہ ۾. ڏهاڪن کان ڪيترائي هٿياربند ڪرد گروهه ترڪي، شام ۽ ايران ۾ خودمختياري يا پنهنجي حڪمراني جو حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. عراق ۾ ڪرد قومپرست گروهن کي 1991 جي نار واري جنگ دوران ڪجهه ڪاميابي ملي، جڏهن انهن آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪيو۔ ان تعاون جي نتيجي ۾ عراق ۾ خودمختيار ڪردستان علائقو قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي۔
آمريڪا جي ڳجهي اداري سي آءِ اي پڻ 2003ع ۾ عراق جنگ کان پوءِ پنهنجي فوج، جيڪا پيشمرگه (Peshmerga) جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، کي تربيت ۽ هٿيار فراهم ڪيا. 2005ع ۾ هن نيم خودمختيار علائقي کي عراق جي آئين ۾ سرڪاري طور تسليم ڪيو ويو.
2017ع کان وٺي واشنگٽن People’s Protection Units (YPG) کي به هٿيار ۽ تربيت ڏني، جيڪا شام جي هڪ ڪرد مليشيا آهي. ترڪيه هن تنظيم کي “دهشتگرد” گروهه قرار ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جا لاڳاپا پابندي مڙهيل Kurdistan Workers’ Party (PKK) سان ٻڌايا وڃن ٿا. هن گروهه، داعش جي خلاف ڪاميابي سان مزاحمت ڪئي، هاڻي Syrian Democratic Forces (SDF) جو بنيادي حصو بڻجي چڪو آهي. هنن رقہ ۽ داعش جا ٻيا مضبوط ڳڙهه پنهنجي قبضي ۾ رکيا هئا. پر جڏهن گذريل آگسٽ ۾ هن گروهه شام جي فوج سان، جيڪا صدر احمد الشرع جي قيادت هيٺ حڪومت جي ماتحت هئي، فوجي جهيڙا شروع ڪيا ته واشنگٽن هن گروهه کان پاسو ڪري ڇڏيو ۽ ان بدران دمشق جي حمايت ڪئي. هن سال جنوري ۾ SDF، شامي حڪومت سان هڪ معاهدو ڪيو ته هو سرڪاري فوج ۾ ضم ٿي ويندا. ان جي بدلي ۾ شامي حڪومت ڪردن جي حقن کي تسليم ڪيو.
ٻئي طرف ترڪيه ۾ PKK، جنهن جي اتر عراق ۾ موجودگي گهڻي عرصي کان انقره سان تڪرار جو سبب رهي آهي، مارچ 2025ع ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو. اهو اعلان ان جي قيد اڳواڻ عبدالله اوڪلان جي ان اپيل کان پوءِ ڪيو ويو، جنهن ۾ هن هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو سڏ ڏنو هو.
ايران ۾ ڪرد مزاحمت ٻين علائقن جي ڪرد تحريڪن کان ڪيئن مختلف آهي؟
ايران ۾ ڪرد مزاحمتي تحريڪ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ نسبتاً ڪمزور ۽ وڌيڪ ورهايل رهي آهي۔ تاريخي طور ڪرد گروهن ايران جي حڪومت خلاف بغاوتون ڪيون آهن، جهڙوڪ 1967 واري ڪرد بغاوت ۽ بعد ۾ مختلف هٿياربند تحريڪون۔ 1979 جي ايراني انقلاب کان پوءِ ڪرد گروهن ۽ حڪومت جي وچ ۾ شديد ويڙهه ٿي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي ڪرد علائقن مان بي گهر ٿيا۔ ان جي باوجود، ايران جي ڪرد تحريڪ عراق يا شام جي ڪرد تحريڪن جيتري مضبوط سياسي يا فوجي طاقت حاصل نه ڪري سگهي۔ مثال طور:
* عراق ۾ ڪردن کي خودمختيار حڪومت ملي وئي۔
* شام ۾ ڪرد مليشيا داعش خلاف جنگ ۾ اهم قوت بڻيا۔
* جڏهن ته ايران ۾ ڪرد گروهه گهڻو ڪري سرحد پار عراق جي ڪردستان علائقي مان سرگرميون هلائيندا آهن۔
ڪجهه تنظيمون جهڙوڪ: ڪردستان فري لائف پارٽي، 2004ع کان وٺي ايراني حڪومت خلاف هٿياربند جدوجهد جاري رکيو اچن ۽ ڪردن لاءِ خودمختياري يا حقن جو مطالبو ڪن ٿيون۔ روجرز موجب، ايراني ڪرد 1979 ۾ اسلامي جمهوريه جي قيام کان به اڳ ايراني حڪومت جي مخالفت ڪندا رهيا آهن، ۽ تهران جي موجوده ڪمزوري انهن لاءِ هڪ موقعو فراهم ڪري ٿي ته هو ملڪ اندر پنهنجي سياسي مقصدن کي اڳتي وڌائين۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪيترن مختلف گروهن تي مشتمل نئون اتحاد هڪ غيرمعمولي ڳالهه آهي، ۽ انهن جي اندروني لاڳاپن ۽ حالتن تي دارومدار هوندو ته ڪرد گروهه هن جنگ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندا۔ روجرز موجب: “آمريڪا جي حمايت مددگار ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي فضائي حملن ذريعي سيڪيورٽي فورسز جي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ ۾، پر ممڪن آهي ته اهي واشنگٽن تي گهڻو ڀروسو ڪرڻ کان محتاط رهندا، خاص طور تي اهڙي انتظاميه تي، جيڪا ٽرمپ جي حڪومت وانگر غير متوقع ۽ بي ترتيب هجي.” هن اهو به ياد ڏياريو ته واشنگٽن اڳ شام ۾ ڪردن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو هو۔
ايران جي ورهايل ڪرد تحريڪن جي برعڪس، عراقي ڪرد گهڻي عرصي کان گڏجي هڪ خودمختيار حڪومت قائم ڪري چڪا آهن، جيڪا عراق جي آئين ۾ شامل آهي۔ انهن هڪ ترقي يافته معيشت به ٺاهي آهي ۽ ڪيترن ئي پرڏيهي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪيا آهن۔ روجرز موجب، ڪرد گروهه اميد رکن ٿا ته مستقبل ۾ هڪ جمهوري ايران ۾ به اهڙو نظام قائم ڪري سگهندا۔ روجرز وڌيڪ چيو: “منهنجو خيال آهي ته ٽرمپ جي حڪومت شايد ايراني ڪردن کي انهن جي سياسي مقصدن جي حمايت بابت ڪا پڪي خاطري نه ڪرائي آهي.” هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جو منصوبو “مڪمل طور سوچيل سمجهيل نظر نٿو اچي.”
Courtesy: Al Jazeera