آمريڪا ايران نمائندن جي پاڪستان ۾ ملاقات ٿي سگهي ٿي: جرمني

آمريڪا ايران نمائندن جي پاڪستان ۾ ملاقات ٿي سگهي ٿي: جرمني

برلن (م ڊ) جرمن پرڏيهي وزير يوهان واڊي فيهول انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جا اعليٰ عملدار تمام جلد پاڪستان ۾ سڌي ريت ملاقات ڪري سگهن ٿا جنھن لاءِ تياريون جاري آھن. جرمني جي پرڏيهي وزير جوهان واديفول چيو ته آمريڪا ۽ ايران اڳ ۾ ئي اڻ سڌي طرح رابطا ڪيا آهن ۽ سڌي طرح ڳالهين جي تياري ڪري رهيا آهن. ٻنهي پاسن جي نمائندن جي وچ ۾ ملاقات لاءِ تياريون جاري آهن، جيڪا جلد ئي پاڪستان ۾ ٿيڻ جي اميد آهي. ھن چيو تھ منهنجي معلومات آھي تھ ھنن ۾ اڻ سڌي طرح رابطا ٿيا آهن ۽ سڌي طرح ملاقات لاءِ تياريون ڪيون ويون آهن. ظاھر آھي اها تمام جلد پاڪستان ۾ ٿيندي.