| آمريڪا-ايران ڳالهيون آچر تي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان: ٽرمپ بعد پزشڪيان به اچڻ لاءِ تيار: شهر ۾ فول پروف سيڪيورٽي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ + م ڊ) اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي ڳالهين جي ٻئي دور کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتون ڪوششون تيز ٿي ويون، صدر ٽرمپ پاران معاهدي جي صورت ۾ اسلام آباد جو دورو ڪرڻ جو اشارو ڏيڻ بعد ايراني صدر مسعود پزشڪيان به پاڪستان اچڻ لاءِ تيار، وفاقي راڄڌاني ۾ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا، اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ رستن تي ناڪا لڳايا ويا آهن جتي پوليس ۽ فوجي اهلڪار مقرر هوندا، پنجاب مان به اضافي نفري طلب ڪئي وئي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي انتظاميا پاران ٻنهي شهرن اندر پبلڪ ٽرانسپورٽ اڏن کي بند ڪرايو ويو، ذريعن موجب اڏا 26 اپريل تائين بند رهڻ جو امڪان آهي.انتظاميا موجب اڪثر روٽس تي پبلڪ ٽرانسپورٽ هلي رهي آهي، اهي اڏا فيض آباد، منڊي موڙ، 26 نمبر چنگي تي آهن، پشاور ۽ ٽيڪسلا کان ايندڙ گاڏين کي مارگلا روڊ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ترجمان اسلام آباد پوليس موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ وڏي پيماني تي گڏيل ڪومبنگ سرچ آپريشن جاري آهي، مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران 712 ماڻهن ۽ 1108 گهرن جي تلاشي ورتي وئي، 182 دڪانن، 32 هوٽلن، 381 موٽرسائيڪل ۽ 141 ٻين گاڏين جي تلاشي ورتي وئي، ڪارروائي دوران20 افغاني شهري، 56 شڪي ماڻهو حراست ۾ ورتا ويا، 2 گاڏيون ۽ 47 موٽرسائيڪلون به ٿاڻي منتقل ڪيون ويون. هوڏانهن عالمي ميڊيا رپورٽس موجب پاڪستان آمريڪا ۽ ايران کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڳالھين لاءِ آمهون سامهون ويهارڻ لاءِ سرگرميءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي. آچر تي ڳالهين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. آمريڪا پاران صدر ٽرمپ ۽ ايران پاران صدر پزشڪيان جي اسلام آباد آمد جو امڪان آهي. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي وڌي وئي آهي. سگنل سڀ موجود آهن تھ ڳالهيون جاري آهن. حالتون نازڪ آهن پر ڪنٽرول ۾ آهن. الجزيره جي رپورٽ موجب پاڪستان تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ پيغام موڪلڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي. پردي جي پويان گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي، فعال ٽياڪڙي ۽ ڳالھين جي ٻئي دور لاءِ پاڪستاني تمام گهڻو پراميد آهن. اهي چون ٿا ته انهن ٻنهي ڌرين سان ڳالهايو آهي، ٻنهي ڌرين کان ھاڪاري سگنل ملي رهيا آهن، ۽ اهي پراميد آهن ته اهو هڪ بريڪ ٿرو قسم جي معاهدي جو امڪان ٿي سگهي ٿو.