| آمريڪا ايران ۾ ڦاسي پيو، نڪرڻ جي ڪا راهه ناهي: سي اين اين |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ايران سان جنگ جو منصوبو شروعاتي ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي خراب ٿي چڪو هو. علي خامنه اي کي پهرئين ئي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو پر ان سان گڏ اها قيادت به مارجي وئي جنهن جي باري ۾ آمريڪا کي اميد هئي ته اهي اقتدار ۾ اچي آمريڪا سان دوستاڻو رويو رکندا ۽ لاڳاپا بهتر ٿيندا. اهڙيو اظهار آمريڪي ٽي وي سي اين اين پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا پهرئين حملي ۾ خامنه اي ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر ان سان گڏ نئون مسئلو پيدا ٿيو ٽرمپ انتظاميا ايران جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ جيڪي اميدوار ڏسي رهي هئي، انهن کي به ختم ڪيو ويو. اها ڳالهه ٽرمپ پاڻ به تسليم ڪئي. ان سان آمريڪا جو ابتدائي آپريشن وارو منصوبو ناڪام ٿيو ۽ صورتحال کليل جنگ ۾ تبديل ٿي وئلي جيڪا آمريڪي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وئي جنهن جا معاشي ۽ سياسي نتيجا وڌيڪ خراب نڪتا آهن. ڪا واضح نڪرڻ جي حڪمت عملي به ناهي. رپورٽ موجب تيزيءَ سان ٽٽڻ جي بدران، ايراني حڪومت ڪنٽرول مضبوط ڪيو۽ آمريڪي توقع کان وڌيڪ جارحاڻو جواب ڏنو آمريڪا تڪرار کي ختم ڪرڻ جي اعلان جي پوزيشن ۾ نه آهي. جنگ وڌيڪ پيچيده ٿي رهي آهي. آمريڪي انتظاميا جي اڌ ڊزن اهم ماڻهن سان ڳالهين مان به اها ڳالهه واضح ٿي آهي.