آمريڪا به ايران تي مڙهيل جنگ ۾ شامل

جُون 23, 2025

واشنگٽن (پنجنهجي ڊيسڪ) آمريڪا به اسرائيل پاران ايران تي مڙهيل جنگ ۾ شامل ٿي ويو.

آمريڪا طرفان ٽن ايراني ايٽمي ٺڪاڻن کي 12 بنڪر بسٽر بمن ۽ 30 ٽوماهاڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي .

آمريڪا ايران تي بنڪر بسٽر بمن ۽ ميزائلن سان حملو ڪيو. آمريڪا فورڊو، نطنز ۽ اصفهان ۾ ٽن ايٽمي سهولتن کي نشانو بڻايو.

آمريڪي ميڊيا موجب 6 بي-2 بمبارن فورڊو ايٽمي ٺڪاڻن تي 12 بنڪر بسٽر بم ڪيرايا ويا. آمريڪا اصفهان ۽ نطنز جي سهولتن کي 30 ٽوماهاڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو. آمريڪي ميڊيا موجب ٽوماهاڪ ميزائل 400 ميل پري هڪ آبدوز مان فائر ڪيا ويا.

صدر ٽرمپ آمريڪي فوجي آپريشن کي ڪامياب قرار ڏنو ۽ چيو ته دنيا جي ڪا ٻي فوج اهو نه ٿي سگهي، هن ايران کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن هن هاڻي امن قائم نه ڪيو ته ايندڙ آمريڪي آپريشن وڌيڪ خطرناڪ ۽ تيز هوندو.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ايران خلاف جنگ ۾ اسرائيل جي شرڪت تي صدر ٽرمپ جو ٿورا مڃيا آهن.

جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته آمريڪا ريڊ لائن پار ڪري چڪو آهي، هاڻي ان کي ايران جي جواب جو انتظار ڪرڻ گهرجي، آمريڪا پنهنجي جارحيت جي نتيجن جو ذميوار هوندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • حميرا اضغر جي قتل جا افواهه، الزام هيٺ آيل ميرپورخاص واسي منظر عام تي اچي ويو

  • گڊو بئراج تي ننڍي ٻوڏ، پاڻي سکر ڏانهن وڌڻ لڳو، بندن تي دٻاءُ وڌي ويو

  • ڪراچي چيمبر پاران به لاهور چيمبر جي هڙتال جي حمايت جو اعلان

  • اي آءِ به جرڳا ڪرڻ لڳي، بلوچستان ۾ٻن قبيلن جي پراڻي تڪرار جو نبيرو