| آمريڪا جا 15 مطالبا رد: تجويزون اهم آهن، مهلت اڄ ختم، ايران کي هڪ رات ۾ تباهه ڪري سگهون ٿا: ٽرمپ |
واشنگٽن/تھران/تل ابيب (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران کي ھرمز کاڙي کولڻ لاءِ ڏنل ڊيڊلائن اڄ ختم ٿي رھي آھي. جنھن جي جواب ۾ تهران جوابي حملي جي ڌمڪي ڏني آهي. ايران جي 10 شهرن تي بمباري ڪري ۽ ميزائل وسائي تيل جا ٻه ڪارخانا، ٻه يونيورسٽيون تباهه ڪري ايران جي انٽيليجنس سربراهه سميت 34 شهرين کي شهيد ڪيو ويو. ايران جي حملن ۾ اسرائيل ۽ عرب ملڪن ۾ وڏو نقصان ٿيو. اسرائيل ۾ حائيفا ۽ ٻين شهرن ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي. اسرائيل لبنان ۾ طبي عملي جا وڌيڪ 2 ملازم شهيد ڪري ڇڏيا. مليل اطلاعن موجب ڪالهه جنگ جو 38هون ڏينهن هو جنهن ۾ ايران تي حملا جاري رهيا. ايراني پاسداران انقلاب گارڊز جي انٽيليجنس آرگنائيزيشن جو سربراهه ماجد خادمي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. پاسداران انقلاب تصديق ڪئي آهي ته ميجر جنرل ماجد خادمي ڪالهه صبح حملي ۾ شهيد ٿيو. ايران جي 10 شهرن تي حملا ڪري 34 شهري شهيد ڪيا ويا. ايراني ميڊيا مطابق تهران جي شريف يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ويجهو آمريڪي-اسرائيلي حملي ۾ هڪ فيول اسٽيشن کي نقصان پهچايو ويو، جنهن جي ڪري علائقي ۾ پيٽرول جي کوٽ پيدا ٿي وئي. يونيورسٽي جي مسجد کي به نقصان پهتو. جڏهن ته يونيورسٽي کي بنڪر ٽوڙ بمن سان نشانو بڻايو ويو. تهران جي بهارستان ڪائونٽي ۾ هڪ رهائشي علائقي تي رات جو آمريڪي-اسرائيلي حملي ۾ چئن ڇوڪرين ۽ ٻن ڇوڪرن سميت 13 ماڻھو شھيد ٿي ويا. فارس نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب هڪ حملي ۾ اسالويه ۾ ڏکڻ پارس پيٽروڪيميڪل سهولت کي نشانو بڻايو ويو. ڪمپليڪس مان ڪيترن ئي ڌماڪن جو آواز ٻڌو ويو. ٻئي پاسي ايراني خابرو اداري تسنيم به رپورٽ ڪيو آهي ته ٻن پيٽروڪيميڪل ڪمپنين تي حملو ڪيو ويو آهي. بوشهر جي نائب گورنر موجب حملن کانپوءِ نقصان جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ جو عمل جاري آهي. ايراني ميڊيا موجب ڪيترن ئي پيداواري يونٽن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. ايران به پلاند وارا حملا جاري رکيا ايران جي حملن ۾ عرب امارات جي اختيارين ٻڌايو ته فجيره ۾ هوائي دفاعي نظام ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن جو جواب ڏنو هڪ ڊرون ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني ڊو جي هڪ عمارت کي نشانو بڻايو. ابو ظهبي تي بھ حملو ڪيو ويو جنھن ۾ گھانا جي شهري کي زخم رسيا. ايراني فوج سعودي عرب جي الخارج ۾ پرنس سلطان ايئر بيس ۽ ڪويت ۾ العديري بيس کي نشانو بڻائي ڊرون حملا ڪيا. سعودي وزارت دفاع چيو ته ملڪ جي دفاعي نظام ٻن ڊرونز کي روڪيو. اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪئي ته فوج ايراني ميزائلن کي روڪيو، حملي سان بيرشيبا سميت ڏکڻ اسرائيل ۾ الارم وڄي ويا. مقامي ميڊيا رپورٽن موجب اتر اسرائيل ۾ حائيفا شهر ۾ 10 کان وڌيڪ هنڌن کي نشانو بڻايو ويو. حملي ۾ چار ماڻهو مارجي ويا آهن. جڏھن تھ 4 ڄڻا گم ھئا جن کي ھٿ ڪيو ويو آھي. جن ۾ هڪ 35 سالن جي عورت، هڪ مرد ۽ هڪ 80 سالن جي عورت ۽ هڪ 40 سالن جو مرد شامل آهي. بني براڪ ۽ پٽاه تڪوا تي بھ حملا ڪيا ويا جنھن ۾ 34 سالن جي عورت سخت زخمي ٿي پئي. ايراني پاسداران انقلاب جي ترجمان چيو آهي ته ايراني ايئر ڊفنيس سسٽم خارگ ٻيٽ ڀرسان آمريڪي لوڪس ڊرون ڪِيرائي ڇڏيو، ڊرون کي زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل ذريعي نشانو بڻايو ويو، جنگ دوران دشمن جي ڪيرايل ڊرونز جو انگ 163 ٿي ويو آهي. اسرائيل جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايران خلاف جنگ دوران 7,142 ماڻهو زخمي ٿيا هن وقت 114 ماڻهو اسپتال ۾ داخل آهن، جن ۾ ٻه نازڪ حالت ۾ آهن. اسرائيل جا لبنان تي حملا به جاري رهيا. اسرائيلي ڊرون ڏکڻ لبنان ۾ ڪفار رومن کي نشانو بڻايو. ٻئي طرف لبنان جي نيشنل نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب بنت جبيل ضلعي جي شهر حارث ۾ اسرائيلي فوج طبي عملي تي سڌو حملو ڪري ٻه طبي عملدار شھيد ڪري ڇڏيا ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو. اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي شهر زارع ۾ حملو ڪيو. لبنان ۾ هيستائين گهٽ ۾ گهٽ 1,497 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 4,639 زخمي ٿيا آهن.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايراني حڪومت ۾ معقول ماڻهن سان ڳالهيون جاري آهن. ايران جي نئين قيادت جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي مارجي ويل اڳوڻن اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ انتها پسند هئي. اڱاري جي ڊيڊلائن آخري آهي، 15 نقطن بابت ايراني جواب اهم پر ناڪافي آهي اسان هينئر به نڪري سگهون ٿا پر آئون هنن کي مڪمل ختم ڪرڻ چاهيان ٿو. ايران کي هڪ رات ۾ ختم ڪري سگهون ٿا اها رات اڱاري جي رات ٿي سگهي ٿي. آمريڪي عوام تڪڙو آهي نه ته هنن جو تيل کڻي پئسا ڪمايان. ٻارن جي ايسٽر تقريب کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته ايران ۾ فوجي کي بچائڻ جو مشن اهڙو هو جيڪو توهان گهٽ ئي ڏسندا آهيو اهو هڪ ڏکيو ۽ انتهائي خطرناڪ آپريشن هو. مون کي نه ٿو لڳي ته ايران کان وڌيڪ دشمني وارو ماحول آهي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته دشمن جي علائقي ۾ اهڙو آپريشن ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، خاص طور تي جڏهن اهو دشمن “طاقتور” هجي، پر ايران هاڻي هڪ مهينو اڳ جيترو مضبوط نه رهيو آهي. ٽرمپ ايران جي پلن، پاور پلانٽس ۽ ٻين شهري انفراسٽرڪچر تي حملي جي پنهنجي ڌمڪين کي ورجايوهن چيو ته جيڪڏهن رستو ملي ته ايران جي وسيع تيل ذخيرن کي “کڻڻ” چاهيندس ۽ گهڻو پئسو ڪمائيندس. ٽرمپ چيو ته ايران لاءِ هرمز کولڻ لاءِ ڏنل تاريخ آخري آهي جڏهن ته جنگ ختم ڪرڻ جي آمريڪي تجويز تي ايراني جواب “اهم” آهي پر اهو گهڻو سٺو نه آهي. هنن هڪ تجويز ڏني آهي هن چيو ته جنگ تمام جلد ختم ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن ايران اهو ڪري جيڪو کين ڪرڻو آهي ته جنگ ختم ٿي سگهي ٿي هو نيڪ نيتي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن جنگ جاري آهي پر مون وٽ ڪيترائي متبادل آهن. اسان هاڻي به جنگ مان نڪري سگهون ٿا ايران کي ملڪ کي تعمير ڪرڻ ۾ 15 سال لڳي سگهن ٿا اسان هاڻي نڪري سگهون ٿا، پر مان ان کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه ٿا ٿي سگهن. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران کي هڪ رات ۾ ئي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ اها رات اڱاري جي رات به ٿي سگهي ٿي، ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن، ڊيل لاءِ آمريڪي تجويزون تمام اهم آهن، آمريڪا تاريخ جو اهم آپريشن انجام ڏنو، 21 ويڙهاڪ جهازن حصو ورتو ڪوئي اهلڪار زخمي به نه ٿيو، ايران ۾ هڪ ٻئي آپريشن ۾ 155 جهازن حصو ورتو، جن ۾ 4 بمبار جهاز، 64 فائٽر جهاز، 48 ري فيولنگ ٽينڪرز ۽ 13 ريسڪيو ايئر ڪرافٽ شامل هئا. هن چيو ته آمريڪا ايران ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، آمريڪا جي جنگ چڱي طرح جاري آهي، هن چيو ته ايران ريسڪيو مشن جي خبر ليڪ ڪندڙ ماڻهو جو نالو ميڊيا ادارن کان پڇندس، قومي سلامتي جي پس منظر ۾ ان شخص کي جيل وڃڻ گهرجي جنهن خبر ليڪ ڪئي. ايران وٽ ڪجهه ميزائل ۽ ڊرون باقي بچيا آهن.
تھران (م ڊ) ايران ڳالھين ۽ جنگبندي لاءِ آمريڪا جا 15 مطالبا رد ڪندي چيو آھي تھ ڌمڪين کانپوءِ ڪي بھ ڳالھيون نھ ٿينديون، آمريڪا جو پائلٽ کي بچائڻ وارو آپريشن اصل ۾ رچايل يورينيم کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. روحاني اڳواڻ مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته ايران کي پٿر جي دور ۾ اماڻڻ جون ڌمڪيون انسانيت خلاف ڏوهه آهن. سومر ڏينهن تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته تهران ضرورت پوڻ تي پنهنجي پوري طاقت سان پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندو. هن آمريڪا ۽ اسرائيل تي الزام لڳايو ته انهن وٽ ڪا بھ ريڊلائن نھ آھي ۽ اهي بين الاقوامي قانون کي نظرانداز ڪري رهيا آهن. بقائي ثالثن ذريعي پيش ڪيل 15 نقطن واري آمريڪي جنگ بندي جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان کي “غير منطقي” ۽ ناقابل قبول قرار ڏنو. هن زور ڏنو ته ڳالهيون ڌمڪين سان گڏ اڳتي نه ٿيون وڌي سگهن، اصرار ڪيو ته ايران جي قومي سلامتي ۽ مفادن جو تحفظ ڪنهن به معاهدي لاءِ اهم معيار آهن. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اھو بھ چيو ته آمريڪا شايد رچايل يورينيم چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ ناڪامي تي ان کي پائلٽ کي بچائڻ لاءِ ڪيل آپريشن جو نالو ڏنو ويو. آپريشن بابت ڪيترائي سوال آھن ۽ غيريقيني واري صورتحال آهي. ھن چيو تھ آمريڪي پائلٽ جي ڪوھھ گلويا ۾ ھجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي جيڪو بوئر احمد صوبي جو حصو آھي جڏھن تھ ھنن جي جھازن جنھن علائقي ۾ لينڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اھو ان کان تمام پري علائقو آھي. امڪان اهو آهي ته اهو رچاي يورينيم چوري ڪرڻ لاءِ هڪ فريب وارو آپريشن هو، ان کي بلڪل به نظرانداز نه ڪيو وڃي. هن چيو ته ايران ضرورت پوڻ تي پنهنجي پوري سگهه سان پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندو. ترجمان چيو ته قومي مفادن جي بنياد تي پنهنجا مطالبا ٽياڪڙ چينلن ذريعي پهچايا ويا آهن، ايران پنهنجا جائز مطالبا واضح نموني بيان ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نٿو ڪري، جائز مطالبا بيان ڪرڻ کي سوديبازي جي نشاني نه سمجهڻ گهرجي. ٻئي طرف ايران جي روحاني اڳواڻ مجتبيٰ خامنه اي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران ۾ شهري انفراسٽرڪچر تي مسلسل حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دشمن بي پرواهي سان چئي رهيو آهي ته هو ايران کي پٿر جي دور ۾ واپس اماڻڻ چاهي ٿو ايراني پلن، پاور پلانٽس، اسڪولن ۽ ٻين هنڌن تي آمريڪي-اسرائيلي حملا انسانيت خلاف ڏوهه آهن اهي ڏوهه آمريڪي حڪومت ۽ قاتل اسرائيلي حڪومت ڪيا آهن. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هي هر روز جنگ، ڌمڪين ۽ تباهي جو دهل وڄائي رهيا آهن، جڏهن ته بين الاقوامي ادارا خاموش ۽ لاتعلق رهن ٿا ۽ شايد جارحيت ۾ به شريڪ آهن، هن ٻرندڙ باهه ۾ ڀائيوار بڻجي رهيا آهن. ٻئي طرف ايران کي جنگبندي بدلي اثاثا کولڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ايران هرمز کي نه کوليندو بعد ۾ اعتماد بحال ٿيڻ تي کوليو ويندو. ايران واعدو ڪندو ته ايٽم بم نه ٺاهيندو.
اسلام آباد (م ڊ) ايران پاڪستان وسيلي عارضي جنگبندي جي تجويز ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته عارضي طور ويڙهه بند ٿيڻ جي بدلي هرمز کاڙي کي نه کوليو ويندو. پاڪستان ايران ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي بابت تجويز ڪيل فريم ورڪ تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسن انداربي الجزيرا سان ڳالهائيندي ايران خلاف جاري آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ جي خاتمي لاءِ ڪنهن به تجويز ڪيل فريم ورڪ جي تصديق يا ترديد ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته 45 ڏينهن جي جنگ بندي واري آڇ يا 15 نڪاتي مٽاسٽا بابت ڪيئي رپورٽون سامهون آيون آهن، پر اسان انفرادي ۽ مخصوص معاملن تي تبصرو ناهيون ڪندا، اسان جو واضح موقف آهي ته امن جو عمل جاري آهي. ٻئي طرف برطانوي خابرو اداري موجب سينيئر ايراني عهديدار تصديق ڪئي آهي ته ايران کي پاڪستان طرفان فوري جنگ بندي جي تجويز ملي آهي ۽ ان آڇ جو غور سان جائزو ورتو پيو وڃي. سينيئر ايراني عهديدار چيو ته اسان کي لڳي ٿو ته واشنگٽن مستقل جنگ بندي لاءِ سنجيدا نظر نه پيو اچي، تهران عارضي جنگ بندي جي بدلي هرمز کاڙي نه کوليندو. تهران دٻاءَ هيٺ اچي ڪائي به ڊيڊ لائن کي قبول ڪرڻ ۽ فوري فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. برطانوي خابرو اداري روئٽرز جنگ بندي تجويز سان واقف ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته پاڪستان طرفان شيئر ڪيل جنگ بندي فريم ورڪ ٻن مرحلن تي ٻڌل آهي، پهرئين مرحلي ۾ فوري جنگ بندي ۽ پوءِ گڏيل معاهدو شامل آهي. رپورٽ موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي تجويز کي ”اسلام آباد معاهدو“ سڏيو پيو وڃي، جنهن تحت شروعاتي طور هرمز کي فوري کوليو ويندو، پوءِ 15 کان 20 ڏينهن اندر گڏيل فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو.