آمريڪا جا 7 جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ: 3 جي تصديق

آمريڪا جا 7 جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ: 3 جي تصديق

واشنگٽن/تهران: آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جو چوڻ آهي ته ايران طرفان هينئر تائين 7 آمريڪي جهاز ڪِيرايا ويا آهن. سي اين اين جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تباهه ڪيل جهازن ۾ ايف 35، ايف 15 ايگل ۽ اي ٿري جاسوس جهاز شامل آهن. ايران 3 آمريڪي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي، جڏهن ته آمريڪا ٻه جهاز ڪِرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته هڪ پائلٽ کي بچايو ويو ٻئي اهلڪار جي ڳولا جاري آهي، ترجمان وائيٽ هائوس موجب آمريڪي صدر کي ايران ۾ آمريڪي جنگي جهاز ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي، ٻڌايو ويو ته جهاز جي عملي جي ڳولا ۽ بچاءَ جو آپريشن جاري آهي،