| آمريڪا جلدي جنگ ختم ڪري سگهي ٿو: اسرائيل کي خوف |
دوحا (م ڊ) اسرائيل کي خدشو آھي تھ آمريڪا وقت کان اڳ ايران خلاف جنگ مان نڪري سگھي ٿو ان ڪري ھو اعلان ڪري رھيا آھن تھ ھو ھفتن تائين ايران ۽ حزب اللھ خلاف جنگ جاري رکندا. الجزيرھ جي رپورٽ موجب اسرائيلي آفيسر چئي رھيا آھن تھ اهي هفتن تائين جنگ جاري رکندا ڇاڪاڻ تھ اسرائيل ۾ خدشو اهو آهي ته آمريڪا جنگ کي وقت کان اڳ روڪي سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اسرائيلي آفيسر پيغام موڪليندا رهندا آهن ته اهي ايران تي وڌيڪ ڪريڪ ڊائون جاري رکندا ۽ حزب الله سان جنگ تھ اڃا ھاڻ شروع ٿي آھي. رپورٽ موجب اسرائيل جي حڪومت کي ملڪ اندران بھ دٻاءُ کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي ھونئن تھ عوام جي اڪثريت ايران کي خطرو سمجھي جنگ جي حمايت ڪري ٿي پر پابندين ۽ ميزائل حملن جي ڪري عوام پريشان بھ آھي ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي تي خدشا بھ ظاھر ڪندو آھي. عرد، ڊيمونا ۽ ٻين ھنڌن تي ڪرندڙ ميزائل عوام جي ذھنن ۾ سوال بھ پيدا ڪري رھيا آھن. رپورٽ موجب اسرائيلي عملدار ٽرمپ جي جنگ ختم ڪرڻ جي اشارن مان خوش نھ آھن انهن جو خيال آهي ته اھو عمل ايران ۽ حزب الله کي فائدو پهچائيندو. اسرائيلي ميڊيا جي مطابق نامعلوم ذريعن اسرائيل جي نشرياتي اداري کي ٻڌايو ته ھرمز تي اڃا ايران جو ڪنٽرول آھي ان وقت ۾ جنگ ختم ڪرڻ اسٽريٽجڪ طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ برابر هوندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ اسرائيل ٽرمپ کي جنگ جاري رکڻ لاءِ دٻاءُ وجھي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.