آمريڪا جو اسرائيل سان رابطو، ايراني حملي جي خطري سبب هاءِ الرٽ

  آمريڪا جو اسرائيل سان رابطو، ايراني حملي جي خطري سبب هاءِ الرٽ

والاريل القدس (م ڊ) اسرائيل ايران تي امڪاني آمريڪي حملي جي نتيجي ۾ ردعمل کان بچڻ لاءِ هاءِ الرٽ تي آهي. اسرائيلي ويب سائيٽ دي يروشلم پوسٽ نامعلوم ذريعن جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڏني ته اسرائيل ان امڪان لاءِ هاءِ الرٽ تي آهي ته آمريڪا ايران ۾ حڪومت مخالف تحريڪ جي حمايت لاءِ مداخلت ڪري سگهي ٿو. جنهن جي جواب ۾ ايران اسرائيل کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. واءِ نيٽ ويب سائيٽ مطابق اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ ايران خلاف امڪاني آمريڪي ڪارروائي تي بحث ڪيو.