| آمريڪا جو امن ڳالهين لاءِ وفد اسلام آباد اماڻڻ جو اعلان، ايران ڳالهين جي ٻئي دور کان انڪار ڪيو آهي: ايراني ميڊيا |
واشنگٽن(م ڊ) پاڪستان ۾ آمريڪا ۽ ايران جون ڳالهيون هڪ دفعو وري ٽريڪ تي اچي ويون، آمريڪا جا نمائندا اڄ اسلام آباد پهچندا ايراني وفد جي سڀاڻي پهچڻ جو امڪان آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منهنجا نمائندا اسلام آباد وڃي رهيا آهن، اهي سڀاڻي شام ڳالهين لاءِ اتي موجود هوندا. معاهدو نه ٿيو ته ايران جو هر بجلي گهر ۽ هر پل کي تباهه ڪنداسين. معاهدو ٿيو ته آئون به پاڪستان ويندس پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران هرمز کاڙي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا عجيب ڳالهه آهي، ڇو ته اسان جي ناڪابندي سبب هرمز اڳ ئي بند آهي. هن چيو ته اسان ايران کي هڪ سٺي معاهدي جي آڇ ڪري رهيا آهيون، اميد ته ايران اهو معاهدو ڪندو، ڇو ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته آمريڪا ايران ۾ هر پاور پلانٽ ۽ هر پل کي تباهه ڪري ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته هرمز کاڙي بند ڪري ايران اسان جي مدد ڪري رهيو آهي پر ان کي ان جي خبر ناهي، هرمز کاڙي بند هجڻ سبب ايران کي روز 500 ملين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا کي ڪو نقصان نه پيو ٿئي. ٽرمپ چيو ته هاڻ وڌيڪ نرمي نه ڏيکاري ويندي، جيڪڏهن ايران معاهدو نه ڪيو ته جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو اهو مون لاءِ اعزاز هوندو، اهو ڪم گذريل 47 سالن ۾ ٻين صدرن کي ايران سان ڪرڻ گهرجي ها، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ايران جي ڪلنگ مشين کي ختم ڪيو وڃي. ٻئي طرف نيويارڪ پوسٽ جي پاڪستان جي دوري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته شايد مان ڪجهه دير سان ويندس. اسان کي ڏسڻو پوندو ته سڀاڻي ڇا ٿو ٿئي؟ ايران کي آمريڪي ڊيل قبول ڪرڻ گهرجي. اسان ايران کي هڪ منصفاڻي ۽ معقول ڊيل پيش ڪري رهيا آهيون. ٽرمپ چيو ته اسلام آباد اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر ويندا نائب صدر جي ڊي وينس نه ويندو. ٻئي طرف وائيٽ هائوس جي هڪ آفيسر بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته نائب صدر جي ڊي وينس به ايران سان ڳالهين لاءِ پاڪستان جي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ويندو.
واشنگٽن (م ڊ) ايران جو وفد اڱاري تي پاڪستان پهچندو ۽ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو، جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڪستان اچي ڳالهيون ڪري اسلام آباد اعلان تي صحيح ڪندا. آمريڪي ٽي وي سي اين ين موجب ايراني ذريعن ٻڌايو ته تهران جو هڪ وفد اڱاري تي پاڪستان پهچندو ۽ ٻئي ڏينهن تي آمريڪا سان جنگ بندي ۾ واڌ جو اعلان ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو. ذريعن کي اميد آهي ته ٽيم گذريل دور وانگر هوندي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ پارليامينٽ جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف شامل هئا. ايراني توقع ڪري رهيا آهن ته اربع تي جنگ بندي ۾ واڌ جو علامتي گڏيل اعلان ڪيو ويندو. پوءِ جيڪڏهن شيون آساني سان هلن ٿيون ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسلام آباد وڃڻ تي راضي ٿئي ٿو ته ايراني صدر به ويندو ۽ اتي صدرن جي گڏيل ملاقات ٿيندي جتي اهي هڪ گڏيل اسلام آباد اعلان تي دستخط ڪندا. تهران طرفان اڃا تائين ڪا به سرڪاري طور تصديق نه ٿي آهي ته انهن جا نمائندا اسلام آباد ويندا.
تهران (م ڊ) ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي وڌندڙ مطالبن جي ڪري ايران ڳالهين جي ٻئي دور ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري ارنا نيوز ايجنسي چيو ته واشنگٽن جي ضرورت کان وڌيڪ مطالبن، غير حقيقي اميدن، موقف ۾ مسلسل تبديلين، بار بار تضادن ۽ جاري بحري ناڪي بندي جي ايران مخالفت ڪري ٿو ۽ ان کي اهو جنگ بندي جي خلاف ورزي سمجهي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ٻئي دور بابت خبر سچ ناهي ان وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاران شايع ٿيل خبر انهن جي ميڊيا راند آهي ۽ ايران تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ‘الزام تراشي’ جو حصو آهي.