آمريڪا جو ايران جي ٻيٽ قشم تي حملو، تهران پاران ڊرون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

آمريڪا جو ايران جي ٻيٽ قشم تي حملو، تهران پاران ڊرون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪا پاران ايران جي ٻيٽ قشم تي حملو ڪيو ويو، آمريڪي اختيارين تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران طرفان آمريڪي جهاز تي فائرنگ کانپوءِ جواب ڏنو ويو، ايراني ميڊيا موجب قشم ۾ 5 ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، هوڏانهن ايران جي پاسداران انقلاب هرمز لنگهه ويجهو ٻه آمريڪي ايم ڪيو نائن ڊرون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي اهي، آءِ آر جي سي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته دشمن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏني هئي ته آمريڪا کي ايران جي ايٽمي پروگرام سان واڳيل هنڌ ڪوهه ڪلنگ کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو، اِها ڪارروائي هڪ ڪلاڪ جي اندر سرانجام ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن ته جڏهن ته عمان جي سمنڊ ڀرسان هڪ سامونڊي جهاز تي حملو ڪيو ويو، هڪ انڊين مهاڻو مارجي ويو، 13 ڄڻن کي بچايو ويو،