واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گرفتار ۽ آزاد، آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪي صدر جي قيدين واري تصوير جاري
اليڪشن مداخلت ڪيس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سرينڊر ڪري ڇڏيو، آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي صدر جي قيدين واري تصوير جاري ڪئي وئي
اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو، فوجداري ڪيس ناانصافي آهي، 2020ع جي چوندن کي چئلينج ڪرڻ جو حق حاصل آهي، چونڊون شفاف نه هيون
ڳوڻو امريڪي صدر ٽرمپ جارجيا ۾ گرفتاري ڏيڻ لاءِ پيش ٿيو، گرفتاري بعد ٽرمپ جا فنگر پرنٽ ورتا ويا، قيدين واري تصوير مگ شاٽ جاري ڪئي وئي، قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد 2 لک ڊالرز جي ضمانت تي ٽرمپ کي آزاد ڪيو ويو