آمريڪا جو سعودي عرب سان ايٽمي معاهدو: ايران ۾ حملا، ايراني پلون تباهه ڪبيون: ٽرمپ

آمريڪا جو سعودي عرب سان ايٽمي معاهدو: ايران ۾ حملا، ايراني پلون تباهه ڪبيون: ٽرمپ

تهران/واشنگٽن (م ڊ) ايراني فوج جي سربراهه ميجر جنرل امير حاتمي چيو آهي ته اسان کي دشمن (آمريڪا ۽ اسرائيل) تي ذرو به ڀروسو ناهي، ايراني سرزمين تي پير رکيا ته لکين ماڻهو مقابلو ڪندا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران کي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي ايران کي تباهه ڪيو پيو وڃي ۽ حملا جاري رهندا. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب ايران جي آرمي چيف ميجر جنرل امير حاتمي پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي خبر هئي ته دشمن معاهدي جي پاسداري نه ڪندو، اسان کي اها به خبر هئي ته دشمن بيوقوفي ڪندو. اسان هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو ۽ پنهنجي جنگي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا. جيڪڏهن دشمن ايراني سرزمين تي پير رکيو ته لکين ماڻهن کي ان جو مقابلو ڪرڻو پوندو. ايراني فوج ۽ عوام هر ممڪن طريقي سان دشمن جو مقابلو ڪندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اردن ۾ ايراني حملن ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجين جي ياد ۾ ٿيل تقريب ۾ روانگي وقت صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي. آمريڪي عوام جنگ جي خلاف ناهي ۽ نه ئي ايران خلاف شروع ڪيل جنگ جي مخالفت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آمريڪي شهري پيٽرول جي وڌندڙ اگهن جا خواهشمند ناهن پر هو جنگ جي به مخالفت نٿا ڪن. جيڪڏهن ايران هرمز ۾ فائرنگ ڪندو ته آمريڪا هڪ پل يا پاور پلانٽ کي تباهه ڪندو. هن چيو ته تهران جي ويجهو يا اندر واقع سهولتن کي به نشانو بڻايو ويندو ۽ جهازن تي فائرنگ جو جواب ميزائل، راڪيٽ، ڊرون يا ڪنهن به هٿيار سان ڏنو ويندو.
 

تهران/اسلام آباد/واشنگٽن (م ڊ) ايران جنگ ٻيهر تيز ٿيڻ کان پوءِ، آمريڪي فوج مسلسل يارهين رات ايران تي هوائي حملا ڪيا. ايران ڪويت ۾ ڪئمپ دوحا کي به نشانو بڻايو. پاڪستان حوثي باغين کي پاڪستاني بحري جهازن ۽ سعودي تي حملن جي صورت ۾ سخت نتيجن جي وارننگ ڏني آهي. آمريڪا سعودي عرب کي ايٽمي پروگرام شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. مليل اطلاعن موجب  سينٽڪام موجب ايران تي هوائي حملا رات جو ڪيا ويا  ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب آمريڪا بوشهر جي مضافات ۾ هوائي حملا ڪيا، ڪنارڪ ۽ سيرڪ ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا ۽ ڪرمانشاه ۽ خوزستان ۾ پڻ ڌماڪا رپورٽ ٿيا. ايراني فوج دعويٰ ڪئي ته اولهندي ڪويت ۾ ڪئمپ دوحا ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات تي ڊرون حملا ڪيا. گولا بارود جي ڊپو ۽ زميني فوج جي ڪمانڊ لاجسٽڪ سامان کي نشانو بڻايو. اردن ۾ آمريڪي بادشاهه فيصل ۽ شهزادي حسن فوجي اڏن کي ميزائلن ۽ ڊرون سان نشانو بڻايو آمريڪي فوجي سامان ۽ تنصيبات کي سخت نقصان پهتو آهي. ايف-15 فائٽر جيٽ شيڊ، اٺ ايم ڪيو-9 ڊرون ۽ ٻه هيلي ڪاپٽر تباهه يا خراب ٿيا. اردني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ايران کان فائر ڪيل ڇهن ميزائلن کي روڪيو ڪويت فوج چيو ايران کان ڊرون حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هوڏانهن آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب سان سول ايٽمي پروگرام جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. معاهدي تحت سعودي عرب کي توانائي جي شعبي ۾ ايٽمي ٽيڪنالاجي تائين پهچ حاصل ٿيندي معاهدي جو مدو 30 سال هوندو. هوڏانهن پاڪستان يمن جي حوثي گروپ کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني جهنڊي وارن جهازن يا پاڪستان جي سامونڊي مفادن خلاف ڪا به جارحاڻي ڪارروائي ڪئي وئي ته ان کي قومي سلامتي ۽ خودمختيار مفادن لاءِ سنگين خطرو سمجهيو ويندو. گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون تحت پاڪستان پنهنجي سامونڊي انفراسٽرڪچر ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ دفاع تحت هر ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، جنهن ۾ قانون موجب طاقت جو استعمال به شامل آهي. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ واپاري جهازراني خلاف حوثي گروپ جي ڌمڪين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.