آمريڪا جو نطنز ايٽمي ٺڪاڻي ۽ وڏي بجلي گهرتي حملو، اسرائيلي 2 ايٽمي اڏا ايران جي نشاني تي، 10 ماڻهو مارڻ جي دعويٰ

آمريڪا جو نطنز ايٽمي ٺڪاڻي ۽ وڏي بجلي گهرتي حملو، اسرائيلي 2 ايٽمي اڏا ايران جي نشاني تي، 10 ماڻهو مارڻ جي دعويٰ

تهران + تل ابيب + واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران سان جنگ عيد جي موقعي تي به جاري رهي ايران تي حملا جاري رکيا ويا ۽ ايٽمي ٺڪاڻي نطنز کي به نشانو بڻايو. ملڪ ۾ تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 81 هزارن کان وڌي ويو آهي. ايران اسرائيل جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، 100 اسرائيلي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي آمريڪا جو جديد ترين ايف 35 جهاز به نشانو بڻجي ويو، ايران 3800 ڪلوميٽر پري آمريڪا ۽ برطانيا جي گڏيل اڏي تي ميزائل فائر ڪري ڇڏيا. اسرائيل جي خلائي تحقيقي اداري ۽ سعودي عرب ۾ آمريڪي ڊرون کي نشانو بڻايو ويو آهي. اسرائيل لبنان تي حملا جاري رکندي وڌيڪ سوين ماڻهو شهيد ۽ زخمي ڪري ڇڏيا. شهيد شهرين جو انگ هڪ هزار ۽ زخمين جو 27 سئو کان وڌي ويو آهي.مليل اطلاعن موجب ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا عيد جي ڏينهن ۾ به جاري رهيا. آمريڪا ۽ اسرائيل 2025ع ۾ آمريڪي حملي ۾ تباهه ڪيل ايٽمي مرڪز نطنز کي هڪ ڀيرو وري حملو ڪيو آهي. ايراني ميڊيا نطنز تي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حملي کانپوءِ نطنز تي تابڪاري جي اثرن جو اطلاع ناهي مليو ۽ ڀرپاسي جي رهواسين کي به ڪو خطرو ناهي. ايران جي جوهري توانائي ايجنسي نطنز تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اها اين پي ٽي معاهدي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، اهو حملو ايٽمي تحفظ ۽ سيڪيورٽي بابت ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.ٻئي طرف آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته ايراني فوجي ٺڪاڻي ڪوه برجمالي بيلسٽڪ ميزائل ٺڪاڻي کي تباهه ڪيو جتي ويجهي، مختصر ۽ وچولي فاصلي وارا بيلسٽڪ ميزائل ٺاهيا ويندا هئا. آمريڪا ڪمپليڪس جي حملي کان اڳ ۽ بعد جون سيٽلائيٽ تصويرون شيئر ڪيون. ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي مطابق ايران ۾ آمريڪا-اسرائيل جي گڏيل حملي ۾ 81,000 کان وڌيڪ شهري گهرن ۽ جاين کي نقصان پهتو آهي. ان سان گڏ طبي مرڪزن، اسڪولن، ايمبولينس ۽ امدادي ڪارڪنن کي نشانو بڻايو ويو جيڪا بين الاقوامي انساني قانون ۽ جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي. ايران به پنهنجا حملا جاري رکيا ايران اسرائيل جي ٻن شهرن ڊيمونا ۽ عراد تي بيلسٽڪ ميزائل حملو ڪري 10 اسرائيلي مارڻ ۽ 200 زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. اسرائيلي ميڊيا موجب فوج دفاعي نظام جي ناڪامي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اسان جو دفاعي نظام ايراني حملو نه روڪي سگهيو. ايراني ميزائل حملي کانپوءِ عراد ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي تعليمي ادارا بند ڪيا ويا، اسرائيلي ڪابينا جو هنگامي اجلاس گهرائي حملا روڪڻ ۾ ناڪامي تي جاچ شروع ڪئي وئي. اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه ميزائل دفاعي نظام کي ناڪام بڻائيندي شهرن ۾ وڃي ڪِريا، جنهن سان عمارتن ۾ باهه لڳي وئي ۽ وڏي پيماني تي تباهي ٿي. ايراني سرڪاري ميڊيا چيو آهي ته حملن جو هدف ڊيمونا ڀرسان اسرائيل جو ايٽمي ٺڪاڻو هو ۽ اها ڪارروائي ايران جي نطنز جوهري پلانٽ تي حملي جي ردعمل ۾ ڪئي وئي آهي. حملن ۾ لڳ ڀڳ 180 ماڻهو زخمي ٿيڻ جي اسرائيل تصديق ڪئي آهي. ايران اسرائيل تي ميزائل حملن جي 67هين لهر شروع ڪئي. پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته اسرائيلي شهر حيفا ۽ تل ابيب جي 25 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو. پاسداران انقلاب ٻڌايو ته اسرائيلي شهرن تي خرم شهر ۽ غدر ملٽي وار هيڊ ميزائل سان حملو ڪيو ويو. ايران خبردار ڪيو آهي ته ايراني ٻيٽن تي ٻيهر حملو ٿيو ته امارات جي راس الخيمه کي نشانو بڻائينداسين. ميزائل حملي ۾ هڪ گاڏي کي باهه لڳي وئي جنهن ۾ هڪ ڄڻو سڙي مري ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ايران اهم ڪاميابي حاصل ڪندي آمريڪا جي جديد ترين ۽ ريڊار تي نظر نه ايندڙ جنگي جهاز ايف 35 کي نشانو بڻايو جنهن کي نقصان پهچايو ويو آهي. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايف 35 جهاز آمريڪي فوجي طاقت ۽ تڪبر جي علامت هو جنهن کي نشانو بڻايو ويو. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته ”ايف-35 کي اهڙي علامت طور پيش ڪيو ويندو هو جيڪو هر اک کان لِڪل ۽ هر طاقت کان مٿانهون آهي، پر الله جي قدرت ان کان به مٿانهين آهي.“ محمد باقر قاليباف چيو ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو ان علامت کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ اهو هڪ نظام جو زوال آهي. آمريڪي ميڊيا موجب هڪ ايف 35 اسٽيليٿ جهاز کي مبينا طور نشانو بڻائڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ قائم آمريڪي فضائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي. ايران هندي سمنڊ ۾ موجود آمريڪا ۽ برطانيا جي گڏيل فوجي اڏي ڊياگو گارشيا  تي ميزائل حملا ڪيا جيڪو ايران کان تقريباً 3,800 ڪلوميٽر پري آهيايران ڊياگو گارشيا تي ٻه بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جن مان هڪ ناڪام ٿيو ۽ ڪري پيو جڏهن ته ٻئي کي ڪيرايو ويو. ايراني فوج جو چوڻ آهي ته هن اسرائيل جي سرڪاري ملڪيت واري دفاعي ۽ خلائي ڪمپني، اسرائيل ايرو اسپيس انڊسٽريزکي نشانو بڻايوسعودي عرب ۾ پرنس سلطان ايئر بيس تي هڪ آمريڪي جاسوس جهاز کي پڻ نشانو بڻايو ويو. اسرائيل جا لبنان تي حملا به جاري آهن. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن ڏکڻ لبنان ۾ هڪ حملي ۾ حزب الله جي رضوان فورس جي هڪ ڪمانڊر سميت ٽن ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ابو خليل برجي مجدال سليم علائقي ۾ هڪ هوائي حملي ۾ حزب الله جي ٻن ساٿين سان گڏ شهيد ٿيو. ڏکڻ لبنان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ حزب الله جي انفرااسٽرڪچر تي وڌيڪ حملا ڪيا آهن. جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي لبنان ۾ 1029 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ 100 کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن. جڏهن ته 2786 زخمي ٿيا آهن.
 

واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر هرمز کاڙي کي مڪمل طور بحال نه ڪيو ويو ته سخت ردعمل ڏينداسين. پنهنجي تازي بيان ۾ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا مرحلي وار ايران جي اهم پاور پلانٽن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو، جنهن جي شروعات وڏن بجلي گهرن کان ٿيندي، واشنگٽن ان معاملي ۾ ڪا دير برداشت نٿو ڪري سگهي. آمريڪي صدر هڪ موقعي تي ميڊيا تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته آمريڪا ايران خلاف پنهنجا هدف حاصل ڪري چڪو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن آمريڪا چاهيندو ته اسرائيل ايران خلاف جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. هن چيو ته هرمز کاڙي کولرائڻ لاءِ مدد جي ضرورت پوندي، جيڪڏهن چين مداخلت ڪري ته سٺو ٿيندو، مان جنگبندي نٿو ڪرڻ چاهيان، اسان پنهنجي مقصدن جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. هن چيو ته اسان وچ اوڀر ۾ فوجي ڪارروائيون ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، جيڪي ملڪ هرمز کاڙي استعمال ڪندا آهن، انهن کي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻي پوندي، انهن ملڪن جي مدد ڪنداسين پر ان جي ضرورت نه پوڻ گهرجي. جڏهن ته ايراني فوج جي مرڪزي ڪمانڊ جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري چيو آهي ته ايران نه رڳو تيل ۽ گيس جي اثاثن پر پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نظام کي به نشانو بڻائي سگهي ٿو، خاص طور تي اهي اثاثا، جيڪي آمريڪا ۽ اسرائيل سان جڙيل هجن. ٻئي طرف ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قليباف خبردار ڪيو آهي ته ملڪ جي پاور پلانٽس تي حملن جو جواب فوري طور تي سڄي علائقي ۾ توانائي ۽ تيل جي انفراسٽرڪچر تي انتقامي حملي سان ڏنو ويندو. ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خطي ۾ نازڪ انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي ۽ تيل جي انفرااسٽرڪچر کي جائز هدف سمجهيو ويندو ۽ ناقابل واپسي نقصان رسائي انهن کي تباهه ڪيو ويندو جنهن سان تيل جون قيمتون ڊگهي عرصي تائين وڌنديون. هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان ڌمڪي تي تبصرو ڪري رهيو هو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هرمز کاڙي کي 48 ڪلاڪن اندر نه کوليو ويو ته ايران جي پاور پلانٽس تي حملو ڪيو ويندو.