آمريڪا جي اجائي ھوڏ ۽ عالمي امن کي خطرا

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ھرمز واري سامونڊي لنگهه کي کولڻ وارو الٽيميٽم ڪالھ پورو ٿي ويو. پاڪستان، ترڪيہ ۽ مصر جون ٽياڪڙيء واريون ڪوششون به ان سڄي عرصي ۾ جاري رھيون آهن ۽ اڃان به جاري آھن. جنگي جنون ھن گرھ کي بارود جي جوالامکي تي ويھاري ڇڏيو آهي. ھڪ طرف ھٿيار ٺاھيندڙ ملڪ آھن، جن جي منافعي جو مدار جنگين تي آھي ته ٻئي طرف دنيا جي ملڪن جا وسيلا آهن، جيڪي عوام جي ترقيءَ بدران انھن جنگين جو ٻارڻ بڻجي رھيا آھن. ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان مڙھيل تازي جنگ به آھي، جنھن سان ٽئين عالمي جنگ ٻنڀيء ٻاھران اچي بيٺي آهي، جنھن جي ترت انت جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي.وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران لاءِ اڱاري جي آخري تاريخ (اڄ) حتمي آهي، جنگ فوري طور ختم ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن ايران اهو ڪري جيڪو کيس ڪرڻ گهرجي، اسان جون ڏنل تجويزون تمام اهم آهن۔ ٻئي طرف خبرون آهن ته ايران جنگبندي بابت آمريڪي تجويزن تي پنهنجو ردعمل پاڪستان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. خبرن موجب ايران جو ردعمل ظاهر ڪري ٿو ته ايران جنگبندي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيو آهي ته جنگ جو مستقل ۽ مڪمل خاتمو ضروري آهي. ايران جي ردعمل ۾ 10 نڪتا پڻ شامل آهن۔ انھن نڪتن ۾ خطي ۾ تڪرارن جو خاتمو ۽ هرمز واري سامونڊي لنگهه مان محفوظ گذرگاهه لاءِ ضابطو پڻ شامل آهي۔ ايران جي 10 نڪتن ۾ عالمي پابندين جو خاتمو ۽ آمريڪي-اسرائيلي حملن سبب انفراسٽرڪچر جي ٻيهر تعمير پڻ شامل آهي. ٻئي طرف ائٽمي توانائيءَ جي عالمي ايجنسيءَ خبردار ڪيو آهي ته ايران جي بوشهر ايٽمي پلانٽ تي حملي سان نيوڪليئر سيفٽي لاءِ حقيقي خطرو پيدا ٿي ويو آهي۔ ايجنسي آمريڪا ۽ اسرائيل کان ايران جي جوهري تنصيبات تي حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پلانٽ جي ويجهو حملا ۽ تابڪاري ايران ۽ خطي لاءِ خطرا پيدا ڪن ٿا۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هرمز واري سامونڊي لنگهه کولڻ بابت ڏنل الٽيميٽم جو مُدو پورو ٿيڻ سان خطي ۾ ڇڪتاڻ نئين ۽ خطرناڪ موڙ تي پهچي وئي آهي. هي رڳو هڪ سفارتي بيان يا طاقت جي نمائش ناهي، پر ان جي پس منظر ۾ اهڙو جنگي جنون لڪل آهي، جنھن سڄي دنيا کي بارود جي ڍير تي ويهاري ڇڏيو آهي. هن سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جون ٽياڪڙي واريون ڪوششون قابلِ ذڪر آهن، جيڪي تڪرار کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ جاري آهن، پر عالمي طاقتور ڌرين جي ضد ۽ مفادن اڳيان اهي ڪوششون اڃا تائين بي اثر نظر اچي رهيون آهن. اڄ جي دنيا ۾ امن جي ڳالهه ڪندڙ ملڪ گهٽ ۽ جنگ مان فائدو وٺندڙ قوتون وڌيڪ سرگرم آهن. هڪ پاسي اهي ملڪ آهن، جيڪي هٿيار ٺاهين ٿا ۽ جن جي معيشت جو وڏو دارومدار جنگين تي آهي؛ جڏهن ته ٻئي پاسي اهي ترقي پذير ملڪ آهن، جن جا وسيلا، عوام جي ڀلائي بدران، اهڙن تڪرارن جي باهه ۾ ساڙيا پيا وڃن. ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي تازي جارحيت به ان ئي خطرناڪ راند جو حصو آهي، جنهن سان ٽئين عالمي جنگ جا بادل هاڻي رڳو افق تي ڇانيل محسوس ٿين ٿا.ٽرمپ پاران ايران کي “جهنم بڻائڻ” جون ڌمڪيون، پلن ۽ بجلي گهرن کي نشانو بڻائڻ جا اعلان، ۽ اڳ ۾ بوشهر جي ائٽمي پلانٽ تي ٿيل حملا، ان ڳالهه جا واضح اشارا آهن ته معاملو صرف فوجي ڇڪتاڻ تائين محدود نه رهندو. جيڪڏهن ائٽمي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو، ته ان جا اثر رڳو ايران تائين محدود نه رهندا، پر سڄي خطي ۽ شايد پوري دنيا لاءِ تباهي جو سبب بڻجندا. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به قسم جي وڌيڪ فوجي ڪارروائي انسانيت خلاف ڏوهه کان گهٽ نه هوندي.

افسوس جو عالمي ادارا، جيڪي امن جا نگهبان ٿيڻ گهرجن، اڪثر ڪري خاموش تماشائي بڻيل آهن. گڏيل قومن سميت وڏيون تنظيمون يا ته غير مؤثر ٿي ويون آهن يا وڏين طاقتن جي اثر هيٺ اچي پنهنجو ڪردار وڃائي ويٺيون آهن. اهڙي وقت ۾ ضروري آهي ته دنيا جا ذميوار ملڪ، خاص ڪري علائقائي قوتون، اڳتي اچي جنگ جي هن باهه کي وسائڻ لاءِ سنجيده ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن. جيڪڏهن هن وقت به عقل ۽ دانش کان ڪم نه ورتو ويو، ته تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر انسانيت جي وڏي ناڪامي جو نوحو لکندي. جنگ ڪڏهن به مسئلن جو حل نه رهي آهي؛ اها رڳو وڌيڪ تباھي، نفرت ۽ عدم استحڪام کي جنم ڏئي ٿي. دنيا کي هاڻي فيصلا ڪرڻا پوندا ته هو امن جي راهه اختيار ڪري ٿي يا پنهنجي هٿن سان پنهنجي تباهي لکي ٿي.