ھن وقت سڄي دنيا ۾ آمريڪا جي مختلف ملڪن اندر مداخلت واري ناڪاري عمل ۽ سوچ تي وڏا بحث مباحثا ٿي رھيا آھن، ھر ڪو سخت کان سخت رد عمل ڌئي مٿس ڇوھ ڇنڊي رھيو آھي، خاص طور وينزويلا ۾ِ گھڙي اتان جي صدر ۽ سندس گھرواريءَ کي ڳجھي آپريشن ذريعي گرفتار ڪري آمريڪا منتقل ڪرڻ تي ڪمزور کان ڪمزور ملڪ بہ سينو تاڻي مذمت ڪن پيا، نہ رڳو اھو، پر عوامي سطح تي بہ ان ڏس ۾ آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ وينزويلا جي حق ۽ آمريڪا جي مخالفت ۾ لکين ماڻھو روڊن تي نڪتا، انھيءََ ڪري ڪجھ حلقن جو خيال آھي تہ آمريڪا بھادر ان رد عمل سبب ايران ۾ مظاھرا ڪرائي دنيا جو ڌيان پاڻ تان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ٿي سگھي ٿو تہ ان موقف سان ڪو اختلاف ڪري، پر ھڪ مضبوط راءِ اھا بہ موجود آھي تہ اھي مظاھرا وينزويلا ۾ مداخلت خلاف شروع ٿيل احتجاج کان ڪجھ ڏينھن پوءِ ٿيا، جنھن سبب ايران جي ڪجھ منظرن عراق، لبيا، شام جي ياد تازي ڪري ڇڏي، جڏھن آمريڪا انھن ملڪن تي ذري گھٽ ِاھي ساڳيا الزام ھڻي قبضو ڪيو، جيڪي ھن وقت ايران تي ھنيا پيا وڃن. ان سموري صورتحال ۾ پاڪستان ڪٿي بيٺو آھي؟ اھو ھڪ وڏو سوال آھي، ڇاڪاڻ تہ جنھن نموني وينزويلا ۾ آمريڪي مداخلت تي خاموشي يا کڻي چئجي تہ وچيون رستو وٺي پاسيرو ٿي ويھڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي، ان مان ظاھر آھي تہ پاڪستان پنھنجي پرڏيھي پاليسيءَ ۾ ڪيترو آزاد آھي؟ھونئن بہ ملڪ جي ان سربراھ مان ڪھڙي ردِ عمل جي اميد ڪري سگھجي ٿي، جيڪو فلسطينين جي قتلام وقت ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ جا ھر ھر اعلان ۽ مطالبا ڪري رھيو ھو. اھو تہ خدا جو شڪر ڪجي جو سنجيدا حلقن اھڙن مطالبن ڏانھن ڌيان نہ ڏنو، نہ تہ ھڪ لک ھٿين خالي فلسطينين جي اسرائيلي فوج ھٿان شھادت وقت گڏيل قومن ۾ جنگبنديءَ جا ٺھراءَ ڪيترائي ڀيرا ويٽو ڪري فلسطين جي ڌرتيءَ تي قابض اسرائيل جي مدد ڪندڙ آمريڪي صدر ھن وقت تائين عالمي امن جو نمائندو بڻجي امن تي ٺٺول بڻيل ھجي ھا.
ان ۾ ڪو شڪ نہ ھجڻ گھرجي تہ پياري پاڪستان جي پاليسي سازن سدائين ”جيءَ منھنجا آقا“ واري فلسفي تي عمل ڪندي آمريڪا سان دوستي نڀائي آھي، پوءِ ڀلي آمريڪا وارا ڌڪو ڏئي ڌڪاري ڇڏين، پر پاڻ وارا يار وري بہ ان کي زوريءَ ڀاڪر ۾ ڀري اھو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن تہ سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي، پر جيڪڏھن اڻ ڌري ۽ ِسڌي ڳالھ ڪبي تہ اھو سڀ ڪجھ پاڻ کي دوکو ڏيڻ کانسواءِ ڪجھ بہ ناھي، ڇاڪاڻ تہ مني صديءَ دوران آمريڪا جي دوستي، قربانيون وٺڻ کانسواءِ پاڪستان کي ڪجھ بہ ناھي ڏنو، ان ھوندي بہ ان مان آس ۽ اميد ائين آھي، جئين ھر ڀيري اھو سوچيندا آھيون تہ ھيل چونڊيل وزيراعظم مدو مڪمل ڪندو، پر ھڪ ڳجھي مداخلت جيڪا ھاڻ ڳجھي ناھي رھي، اھا ملڪ جي سربراھ کي وقت کان اڳ گھر ڀيڙو ڪري ڇڏي ٿي. شايد اھاِ ئي اُھا مداخلت آھي، جنھن پاڪستان کي سياسي طور ڪمزور ڪيو آھي، جنھن ڪري اسٽيبلشمينٽ مضبوط ۽ پارليامنيٽ جي حيثيت رٻڙ اسٽيمپ بڻائي ھر پنجن سالن بعد ملڪ جي 25 ڪروڙ ماڻھن جي ووٽن جي توھين ڪئي وڃي ٿي. ان لاءِ جيڪڏھن اھو چئجي تہ ملڪ جا طاقتور ھٿ آمريڪا جيان ويٽو پاور استعمال ڪري پنھنجا مقصد حاصل ڪن ٿا تہ غلط نہ ھوندو. ان سڄي عمل ۾ سياستدان جنھن نموني سگھارن ھٿن ۾ استعمال ٿيا آھن، ان کي ڏسي اھو چئي سگھجي ٿو تہ پاڪستان ۾ جنرل ايوب کان پرويز مشرف تائين آمريتن جي مدي جو رڪارڊ ٽٽڻ جو امڪان آھي، ڇاڪاڻ تہ 77 سالن جي تاريخ ۾ ھن ڀيري سياستدانن جنھن طريقي سان پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪيا آھن، ان ستر واري ڏھاڪي جي ھڪ جرنيل جي ياد تازي ڪري ڇڏي. وڌيڪ کولي ٻڌائڻ جي ضرورت ناھي، مطالعو ڪندڙ سڀ ذھني طور تِکا آھن، ھونئن بہ موجودہ دور ۾ ذھني طور تيز ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جتي اظھار جي آزاديءَ تي مختلف قسمن جي پابندي ھجي تہ پوءِ اتي سوچي سمجھي قدم کڻڻ جي ضرورت پوندي آھي، تنقيد ۽ نشاندھيون ٿيڻ گھرجن. جئين چوندا آھن تہ جنگي محاذ تي ڪڏھن حڪمتِ عملي اوچتو تبديل ڪرڻي پوندي آھي، انھيءَ ڪري قلم واري محاذ تي پڻ اڄڪلھ ڪجھ اھڙِي ئي حڪمت عمليءَ جي ضرورت آھي.
آمريڪا لاءِ ھر ان ملڪ ۾ ھٿ وجھڻ سولو ھوندو آھي، جتي اندروني سياسي ڇڪتاڻ يا ڏڦيڙ وڌيڪ ھجي، ڇاڪاڻ تہ ان سان ان کي واويلا ڪرڻ لاءِ کليل ميدان ملي ٿو. ايران ۾ ھن وقت جيڪو ٿئي پيو، اھا ئي ڳالھ ان کي مدد ڏئي پئي، جنھن ڪري ھزارين ماڻھو ايراني حڪومت خلاف روڊن تي نڪتا آھن. ان ۾ اھا ڳالھ بہ نظر انداز نٿي ڪري سگھجي تہ انھن ايران مخالف مظاھرن کي ڪجھ وڌائي ويجھائي پڻ پيش ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ عالمي ميڊيا تي آمريڪا ۽ اسرائيل جو مڪمل قبضو آھي، سو ايران جي معمولي خبر بہ تيزي سان سڄي دنيا ۾ پکڙجي وڃي ٿي. سڀني اھو ڏٺو ھوندو تہ حڪومت مخالف مظاھرن بعد حڪومت جي حمايت ۾ بہ لکين ماڻھو ٻاھر نڪتا ، پر عالمي ميڊيا ان کي اھاُ ڪوريج نہ ڏني، جيڪا ھن مخالف مظاھرن کي ڏني، ان ڪري ھن دور ۾ ڪيترا محاذ رڳو پروپيگنڊا سان فتح ڪري سگھجن ٿا. پاڻ وٽ پي ٽي آءِ جو مثال وٺو، جيڪا ھڪ سياسي پارٽيءَ طور ھن وقت مفلوج آھي، پر ان جي سوشل ميڊيا تي واويلا ايتري ته سگھاري آھي، جو ان جا حامي مڪمل طور چارج آھن، جنھن جو اندازو ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سھيل آفريدي جي آجيان ۽ رابطا مھم دوران ڀرپور عوامي شرڪت سان ٿيو. سياسي مخالفت ۾ ڪراچيءَ جو ميئر مرتضي` وھاب ڀلي جلوسن ۾ ٻہ ٻہ سئو ماڻھو ھجڻ جي ڳالھ ڪري پر اسان اکين سان ڏٺو تہ ٽن ڏينھن جي دوري دوران سھيل آفريدي ھزارين ماڻھن جي وچ ۾ ھو، باقي اھا پي ٽي آءِ جي بدقسمتي قرار ڏبي تہ سياسي سکيا نہ ھجڻ جي ڪري ان جي ڪارڪنن ۾ ڪو سياسي ضابطو ناھي، شايد اھڙي عمل سبب ئي عمران خان ٻن سالن کان جيل ۾ آھي.
جيڪڏھن ڪو پاڪستان جي اندروني صورتحال ڪئين آھي، بابت سوال ڪري تہ ان کي ڪو جواب ڏيڻ کان اڳ ڪجھ ڏينھن پھريان ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس ٻڌڻ گھرجي، جنھن مان واضح طور محسوس ڪري سگھجي ٿو تہ فوج ۽ سياستدان ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون آھن، ان ڪري جيڪو چيو ويندو آھي تہ فوج ۽ حڪومت ھڪ پيج تي آھن، ان جي نفي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ حڪمران بہ پھريان سياستدان آھن ۽ ان حيثيت سان انھن جي پوزيشن بہ ٻين سياستدانن جھڙي آھي، فرق رڳو حڪومت ۽ مخالف ڌر جو آھي، پر پاليسي ٻنھي پاسي جي سياستدانن لاءِ ساڳئي آھي. ان سياسي انتشار سبب پاڪستان عالمي حالتن بابت ڪجھ سوچڻ کان قاصر آھي تہ ايندڙ وقت ۾ پاڙيسري ملڪن ۾ ڪجھ ٿيو تہ پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇاڪاڻ تہ جتي سياسي ڏاھپ مخصوص طاقت سامھون ليٽي پوي، اتي فيصلا به پوءِ اھڙا ٿيندا آھن.
ھن وقت پاڪستان جي اندروني حالتن بابت سڌو ۽ کرو تبصرو اھو آھي تہ حڪمران مڪمل طور ريمورٽ ڪنٽرول تي آھن، مولانا فضل الرحمان ڪجھ سال اڳ جيڪا `نڪيِ دا ابا ` جي ڳالھ ڪئي ھئي، ان ابي، نڪي کي چوسڻي ۽ فيڊر کان اڳتي وڌڻ ئي ناھي ڏنو. ان ڪري جمھوريت چوسڻي تي ھجڻ سبب فيصلن جو ڪنٽرول `نڪي دي ابا ` وٽ آھي، جنھن جي مخصوص سوچ آھي، ان سوچ ئي پياري پاڪستان کي مسئلن ۾ ڦاسايو آھي، جڏھن تہ عالمي سطح تي تبديل ٿيندڙ حالتن بابت ھن وقت پارليامنيٽ ۾ خاص اجلاس طلب ڪري مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ جي سخت ضرورت آھي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏھن ايران غير مستحڪم ٿيو تہ ايندڙ ٽارگيٽ پاڪستان آھي، ان حوالي سان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جا چار مھينا اڳ ڏنل بيان رڪارڊ جو حصو آھن. ان ڪري مستقبل جي عالمي حالتن جي مقابلي ۽ ملڪ جي مستقبل لاءِ سياسي انتشار وڌائڻ بدران مسئلن جو تڪڙو حل ڪڍڻو پوندو، نہ تہ جئين مٿي عرض ڪيو تہ آمريڪا لاءِ اھي ملڪ ڪنٽرول ڪرڻ آسان آھن، جتي سياسي استحڪام نہ ھجي.