ھونءَ ته آرٽ ۽ سائنس جون سوين وصفون بيان ڪيون وينديون آھن پر….!! چين جي ھڪ ڏاھي آرٽ ۽ سائنس جي حوالي سان ھڪ اھڙي ڳالھ ڪئي آھي، جيڪا انساني سوچ ۽ تصور کي تمام بلند سطح بخشي ٿي. اڄ کان اڍائي صديون اڳ جڏھن لائو تزو کان سوال ڪيو ويو ھو ته ”سائنس ۽ آرٽ ۾ ڪھڙو فرق آھي؟“ تڏھن ننڍي قد ۽ ڊگھن وارن واري مفڪر گھريون اکيون کولي جواب ۾ صرف ايترو چيو ھو ته، ”سائنس انسان کي جيئڻ ۽ آرٽ انسان کي مرڻ سيکاري ٿو“.
لائو تزو جي انھن لفظن جي اکين معرفت اسان ان جنگ جو منظر به ڏسي سگھون ٿا ۽ ان جنگ جي سببن توڙي نتيجن کي به سمجھي سگھون ٿا، جيڪا جنگ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سان پوري دنيا کي متاثر ڪري رھي آھي. اھا جنگ جيڪا آمريڪا ۽ ايران ۾ گذريل ڏھن ڏينھن کان جاري آھي. ھن جنگ ۾ ڪير سوڀ ماڻيندو ۽ ھار ڪنھن جي حصي ۾ ايندي؟ ھيءَ جنگ ڪيترو وقت ھلندي؟ ھن جنگ جي دائري ۾ ڪھڙا ملڪ داخل ٿيندا؟ اھي سوال ۽ ان جھڙا ٻيا اڪيچار سوال سوچيندڙ ماڻھن جي مٿي ۾ ڪولين وانگر سري پري رھيا آھن. جنگ جا نتيجا ته نجومي به ٻڌائي نه ٿا سگھن. پاڻ صرف سائنسي بنيادن تي تجزيو ڪري، ان صورتحال کي سمجھي ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري سگھون ٿا، جيڪا جنگ ايران مٿان آمريڪي حملي جي سبب شدت سان شروع ٿي چڪي آھي. ھن جنگ کي سمجھڻ لاءِ سڀ کان اڳ اسان کي اھي ٻه ملڪ سمجھڻا پوندا، جن ۾ اھا جنگ جاري آھي.
آمريڪا سائنس جي سرزمين آھي. ايران آرٽ جو ديس آھي. ۽ لائو تزو چوي ٿو ته سائنس انسانن کي جيئڻ ۽ آرٽ انسانن کي مرڻ جو فن سمجھائي ٿو. سائنس سبب آمريڪا ۾ زندگي ايتري آسان بڻجي وئي آھي جو ڪڏھن دنيا جھان ۾ ايتري آسانيءَ جو تصور به نه ڪيو ويو ھو. عام طور تي پورو اولهه ۽ خاص طور تي آمريڪا ۾ اڳ ۾ جنھن قسم جو جيون گھاريو ويندو ھو، اھو ته سراپا اذيت ھو. گھوڙن تي گھمندڙ اھي ڪائو بواءِ جيڪي مال جا ڌڻ ڪاھي گرمين ۾ ساون چراگاھن جي تلاش ۾ ھلندا رھندا ھئا ۽ سرديون انھن لاءِ سخت تڪليف جو سبب بڻجي اينديون ھيون. سفيد برف سبب انھن جي چرپر محدود ٿي ويندي ھئي. انھن لاءِ برفاني ميدانن ۽ پھاڙي وادين ۾ عام جياپو ڪنھن جنگ کان گھٽ نه ھوندو ھو. پنڌ ۽ گھوڙن پٺ تي خانابدوشيءَ واري زندگيءَ ۾ ڪيترائي نسل ڪاٽي جڏھن ھو جاگيرداريءَ واري دؤر ۾ داخل ٿيا ته انھن جي جيون ۾ ڪجھه آسانيون ضرور آيون پر تڪليفن جو تعداد ايترو نه گھٽيو جو ھو زندگيءَ جي مسرت کي شدت سان محسوس ڪري سگھن. جاگيرداريءَ سان پوءِ جڏھن اولھ جي آغوش ۾ آمريڪا سرمائيدار سماج ۾ داخل ٿيو ته ان جي ابتدا انھن عذابن جي داستانن تي مشتمل آھي، جيڪا ان دؤر جي ادب جو اڻٽٽ حصو آھن. پھرين جنگ عظيم کان ٻي جنگ عظيم جي وچ ۾ سرمائيداريءَ جي اوسر ۽ ان ۾ جنگي جنون سبب يورپ ته اذيت جي اوڙاھ ۾ ڪريو پر يورپ جي بدقسمتي ان آمريڪا جي خوشقسمتي بڻجي وئي، جنھن سبب آمريڪا وٽ نه صرف سرمايو آيو پر ھٽلر جي وحشي ڪاررواين سبب يورپي سمجھہ جا مينار جرمني، انگلينڊ ۽ فرانس توڙي اٽليءَ جھڙا ملڪ ڇڏي ان آمريڪا طرف منتقل ٿيا، جنھن کي ان وقت عظيم امڪانن جي ڌرتي سڏيو ويندو ھو. اھا علم ۽ عقل جي منتقلي جنھن کي عرف عام ۾ ”برين ڊرين“ سڏيو ويندو آھي، تنھن آمريڪا کي سائنس جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو. ان سائنس سبب آمريڪا وٽ سرمايو به آيو ۽ سگھه به آئي. ھن وقت آمريڪا عالمي سطح تي آسودو ۽ سائنسي ايجادن جي حوالي سان سگھارو ملڪ آھي. جنگي ھٿيارن جي صنعت ته گذريل صديءَ جي پھرئين اڌ کان وٺي آمريڪا لاءِ دنيا ۾ عسڪري مارڪيٽ مھيا ڪيو آھي ۽ ايترا مھانگا ۽ ايترا موتمار ھٿيار ٺاھڻ سبب آمريڪا سرمائيدار دنيا جو سالار بڻجي ويو. ڪميونزم خلاف خوف جو ڪارڊ استعمال ڪري ھڪ طرف آمريڪا مغرب کي پنھنجي مٺ ۾ سوگھو ڪيو ۽ ٻي طرف پوري دنيا جي ملڪن ۾ پنھنجي طاقت جو ڄار وڇائي ويو آھي. سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي کان پوءِ ته دنيا جو گولو ان سنگل سڱ مٿان ڦري رھيو آھي، جيڪو آمريڪا جي ان مٿي تي نظر اچي رھيو آھي، جنھن مٿي ۾ طاقت جي ھوا ايتري وڌي وئي آھي، جو اھو پنھنجي حرص سبب عالمي قانون جي ھر سرحد لتاڙي لاطيني آمريڪا کان وٺي آفريڪا ۽ ايشيا تائين ھر ملڪ کي پنھنجي عتاب جو نشانو بڻائيندو رھيو آھي.
ويٽنام، گرينيڊا، عراق، افغانستان ۽ لبيا کان وٺي شام تائين ھر ھنڌ پنھنجا شيطاني مفاد ماڻڻ لاءِ آمريڪا جھڙي طرح جنگ جا شعلا پوري شدت سان پيدا ڪيا آھن، ان عالمي امن کي افسوسناڪ علامت بڻائي، دنيا کي ان حالت ۾ پھچائي ڇڏيو آھي جو دنيا ان طرح سان رھڻ جوڳي نه رھي آھي، جنھن طرح سان سرد جنگ جي دوران ان جا واعدا ڪيا ويا ھئا. آمريڪا سياسي ۽ عسڪري طاقت جي بنياد تي تيل سان مالامال عرب ملڪن مٿان ڪنٽرول حاصل ڪرڻ بعد جنھن ريت ھن وقت گريٽر اسرائيل جو منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ ايران مٿان خوفناڪ جنگ مڙھي آھي، اھا جنگ نون امڪانن کي جنم ڏئي رھي آھي. ھڪ طرف تيل سان ٽمٽار وچ اوڀر جو پورو تر جنگ جو گھر بڻجي ويو آھي ۽ ٻي طرف آمريڪا جو لالچي ۽ لچو صدر جيڪي ايران خلاف ھر ڏينھن بيان ٺوڪي رھيو آھي، انھن مطابق ته ايران مٿان مڙھيل جنگ ڪجھه ڏينھن جي مھمان آھي پر جيڪو ملڪ افغانستان جھڙي پھاڙي ۽ پوئتي پيل ملڪ ۾ پنھنجي پراڻي عالمي اتحاد ۽ جنگي نيٽ ورڪ نيٽو جا لشڪر وٺي به ويھن سالن تائين جنگ وڙھي سوڀ حاصل نه ڪري سگھيو، اھو ملڪ ايران جھڙي تاريخ جي عظيم قوت کي ڪجھه ڏينھن ۾ ماري مات ڪئين ڪري سگھندو؟ مغرب جي ٽرمپ نواز ميڊيا وٽ به ان سوال جو ڪو جواب ناھي.
ايران- جنھن جنگ نه پئي چاھي ۽ جيڪو گھڻو ڪجھه برادشت ڪرڻ باوجود به آمريڪا جا سخت شرط قبول ڪرڻ لاءِ تيار ھو، ان مٿان آمريڪا جنگ مسلط ڪري کيس اھا ويڙھ وڙھڻ لاءِ مجبور ڪري ويٺو آھي، جنھن جنگ ۾ ايران جا پر پرزا آھستي آھستي کلي رھيا آھن. ايران مٿان آمريڪا جي مڙھيل ان جنگ ۾ ھڪ طرف مفاد لالچ وڙھي آھي ۽ ٻي طرف تاريخ جي اھا پڪار برسرپيڪار آھي، جنھن ايران جي موجودہ سرڪار ھزارن سالن جي تھذيب جو پڙاڏو آھي. ۽ آمريڪا کي اھو سمجھڻ گھرجي ته سائنس مجموعي طور تي ھن جي ملڪ کي سڪون، سھولت ۽ سيڪيورٽيءَ سان جيئڻ سيکاريو آھي. جڏھن ته ايران پنھنجي تاريخي تسلسل ۾ آرٽ جي آماجگاھ رھندي، پنھنجن عقيدن جي حوالي سان شھادت کي ماڻھپي جو معراج سمجھڻ وارو ملڪ رھيو آھي. ڇا نرم ۽ گرم بسترن تي جيئڻ واري ملڪ جا ماڻھو ان قوم سان وڏي جنگ جوٽي ان کي توڙ نڀائي سگھندا، جيڪا قوم جيون جي سنگ لاخ سفر ۾ تلوار جي ڌار ۽ تير جي چھنب مٿان ھلڻ جي ھمت پيدا ڪرڻ جا درس ٻڌندي جوان ٿي آھي.
ڪارل مارڪس سرمائيداري نظام خلاف عظيم بغاوت جو سڏ ڏيندي دنيا جي مزدورن کي سمجھائيندو ھو ته، ”اوھان وٽ وڃائڻ جي لاءِ فقط زنجير آھن“. ساڳي طرح سان ايران وٽ وڃائڻ لاءِ ڇاھي؟ سالن کان پابندين ھيٺ پلجڻ جي تڪليف ۽ ھڪ سرڪش سر!!
ايران جي ڀيٽ ۾ آمريڪا وٽ وڃائڻ جي لاءِ ايترو ڪجھه آھي، جنھن جو ممڪن آھي ته اسان مڪمل تصور به نه ڪري سگھون. القاعدہ خلاف جنگ جي عالمي ابتدا وقت آمريڪا جو سربراه توڙي ھن جا سيڪريٽري سنجيدگيءَ سان چوندا ھئا ته اسان جنھن تھذيب، تمدن ۽ جيئڻ جي جنھن انداز جا عادي آھيون، اھو انھن عقيدن جھڙو ناھي، جن عقيدن سان القاعده ۽ ھن جا حامي سلھاڙيل آھن. ساڳي طرح سان ايران جنھن قسم جي تھذيب جو مسڪن ملڪ آھي ۽ جيڪي اصول ۽ عقيدہ ايراني قوم لاءِ رھنما ستارن سمان آھن، انھن مطابق موت بدصورت خطرو نه پر خوبصورت خوشيءَ جو عڪس آھي.
آمريڪا ايران کي ان جنگ طرف وٺي آيو آھي، جنھن ۾ جان قربان ڪرڻ جو تصور به عظيم آدرش ھوندو آھي. جڏھن آمريڪا لاءِ جنگ جو خيال به بدامنيءَ جو ڀيانڪ روپ آھي. آمريڪا جنگي سائنس جي ترقيءَ جو جيڪو سفر ھن مھل تائين مڪمل ڪيو آھي، ان ۾ پاڻ کي نڇاور ڪرڻ جو ته ڪو خواب خيال به ڪٿي ڪونھي. اھوئي سبب آھي ته آمريڪا جي پوري عسڪري سائنس صرف ٻين ملڪن کي عبرت جو نشان بڻائڻ لاءِ نت نيون ايجادون ڪيون آھن. آمريڪا جا فوجي به جتي رھن ٿا، اتي انھن جي رھڻي ڪھڻي سھولتن سان سرشار عياشيءَ واري ھوندي آھي. ايتري گھڻي سک ۽ سھولت ۾ رھندي به آمريڪي فوجي عراق ۽ توڙي افغانستان ۾ جھڙي طرح ذھني مرضن ۾ مبتلا ٿي خودڪشيون ڪري پنھنجيون زندگيون ختم ڪندا ھئا، ڇا اھڙو ڪو خيال انھن ايراني فوجين جي حوالي سان سوچي به سگھجي ٿو؟
اقبال لکيو آھي ته:
“جسے نان جویں بخشی ہے تو نے
اسے بازوئے حیدر بھی عطا کر”
ڪڏھن بغداد ته ڪڏھن بگرام جي فوجي اڏن تي کائڻ پيئڻ ۽ نچڻ ڪڏڻ جو محفلون رچائڻ وارن آمريڪي فوجين کي اھو معلوم ناھي ته ايراني قوم علامه اقبال جي انھن لفظن ۾ پاڻ سمائڻ لاءِ ڪيئن پتوڙ ڪرڻ جا سپنا سوچيندي آھي.
جيئڻ جا جتن ڪندڙ قوم کي ان قوم سان اٽڪڻ جي غلطي نه ڪرڻ کپندي ھئي، جيڪا مقصدن، اصولن ۽ آدرشن سبب موت کي محبوب تصور ڪندي آھي. آمريڪا جي جديد جنگي مشينري جذبن جي شڪست ڏئي نه ٿي سگھي.