آمريڪا سان تعميري تعلقات آهن پر هر معاملي تي اتفاق ضروري ناهي : ڪاڪڙ

آگسٽ 26, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آمريڪا سان مثبت ۽ تعميري تعلقات آهن پر اهو ضروري ناهي ته هر معاملي تي اتفاق هجي

پاڪستان جي دوري تي آيل هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ملڪن ۾ مختلف معاملن تي اتفاق ۽ اختلاف رهندا آهن، اسان آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ڀائيواري چاهيون ٿا پر اهو ضروري ناهي ته هر معاملي تي اتفاق هجي

هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان گڏجي دهشتگردي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي، اسان گڏجي عالمي امن لاءِ ڪردار ادا ڪيو، پهريان اسان جي پاڙي ۾ هڪ وڏو سپر پاور روس موجود رهيو، آمريڪا جي قيادت ۾ مغربي ملڪن جو اتحاد به اسان جي پاڙي ۾ رهيو، جاگرافيائي لحاظ کان عالمي طاقتن جي پاڙي ۾ موجودگي جو اسان تي گهرو اثر ٿيو

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ماحولياتي تباهي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان ويجها تعلقات آهن

نگران وزيراعظم چيو ته جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضمانت آهي، جمهوري معاشري ۾ هر فرد جي حقن جو تحفظ ضروري هوندو آهي، هر ذميوار معاشري وانگر اسان به پنهنجي شهرين جي سماجي ڀلائي چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ جمهوري عمل جي ارتقا ٿي رهي آهي، گذريل 15ورهين ۾ 3 اسيمبلين مدو پورو ڪيو، حڪومت جي تبديلي آئيني طريقي سان عمل ۾ آئي، آئين ۾ حڪومت جي تبديلي جو طريقو موجود آهي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن کان مون کي سوشل ميڊيا تي هڪ اڻپوري بيان جي ڪري ٽرول ڪيو پيو وڃي جنهن جي مون وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي، اسان جا پاڪستاني دنيا ۾ جتي به رهن اهو صرف چيلنج ناهي پر هڪ موقعو به آهي، اهي ٻاهر وڃي پنهنجي معاشري ۾ بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪندا آهن، پنهنجي فيملي لاءِ ڪمائيندا آهن ۽ اسان انهن جي موڪليل ناڻي مان فائدو کڻندا آهيون، ٻاهرين ملڪ وڃڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي، 60۽ 70جي ڏهائي ۾ ڀارت جا پڙهيل لکيل نوجوان ٻاهر ويا، 30 ورهين بعد اهي ئي ماڻهو پنهنجي ملڪ جو قيمتي اثاثو ثابت ٿيا

نگران وزيراعظم چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آمدني ۽ خرچن ۾ توازن نه هجڻ آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ گهڻا مسئلا آهن، مون کي خبر ناهي ته آءِ ايم ايف کي هڪ دشمن ڇو ٿو سمجهيو وڃي

Leave A Comment