آمريڪا سان 8 سالن بعد واپار ۽ سيڙپڪاري بحال: مستحڪم ۽ جمهوري پاڪستان اسان جي اوليت آهي، شفاف چونڊون يقيني بڻائينداسين: ڪاڪڙ

سيپٽمبر 21, 2023

نيويارڪ(پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا وچ۾ 8 سالن بعد واپار ۽ سيڙپڪاري بحال ٿي وئي آهي، وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته مستحڪم ۽ جمهوري پاڪستان اسان جي اوليت آهي، شفاف چونڊون يقيني بڻائينداسين

گڏيل قومن جي اجلاس دوران نيويارڪ ۾ ڪائونسل آن فارن ريليشنز فورم کي خطاب کي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ نئين حڪومت چونڊيندا، نگران حڪومت جو مينڊيٽ شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ آهي

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ 8 سالن کانپوءِ واپار توڙي سيڙپڪاري تي سمجهوتو بحال ٿيو آهي، هاڻ ٻنهي ملڪن ۾ آزادي سان واپار ۽ سيڙپڪاري ٿيندي

نگران وزير اعظمانوارالحق ڪاڪڙ چيو  ته اسان آئين ۾ ڏنل جمهوري اصولن تي پابندي  وارو عزم رکون ٿا، اسان جي حڪومت يقيني بڻائيندي ته ايندڙ حڪومت ۾ پاڪستانين جي مڪمل نمائندگي هجي، مستحڪم ۽ جمهوري پاڪستان اسان جي ترجيح آهي

Leave A Comment