آمريڪا عمران جي گرفتاري پاڪستان جو اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو

آگسٽ 6, 2023

واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪا عمران خان جي گرفتاري کي پاڪستان جو اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، امريڪي پرڏيهي وزارت جو اهم بيان سامهون اچي ويو

آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيسز ۽ سندس گرفتاري پاڪستان جو اندروني معاملو آهي

 ترجمان موجب واشنگٽن پاڪستان ۾ جمهوري اصولن جو احترام ۽ قانون جي حڪمراني جو چوندو رهيو آهي، هڪ سياسي جماعت جي ليڊر جي گرفتاري کي پاڪستان جو اندروني معاملو سمجهون ٿا

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته  آمريڪا چاهي ٿو  ته پاڪستان جي جمهوري روايتن جي پاسداري هجي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيِ نه ٿئي

Leave A Comment