| آمريڪا منتقل ٿيل افغاني سنگين ڏوهن ۾ ملوث، تفصيل جاري |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي هوم لينڊ سيڪيورٽي کاتي چيو آهي ته اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي حڪومتي دور ۾ آمريڪا ۾ داخل ٿيندڙ ڪيترن ئي افغان شهرين سنگين ڏوهه ڪيا. هوم لينڊ سيڪيورٽي کاتي سنگين ڏوهن ۾ ملوث افغان شهرين جون تصويرون ۽ ڄاڻ به جاري ڪري ڇڏي. کاتي موجب اهي افغان شهري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي فائرنگ، جنسي ڏوهن ۽ دهشتگردي جي سرگرمين جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث نڪتا آهن. هوم لينڊ سيڪيورٽي جي بيان موجب افغان شهري جمال ولي ۽ محمد خروين کي آزاد ڪيو ويو ۽ کين آمريڪا ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي پر اهي ٻيهر پرتشدد ڪارروائين ۾ ملوث نڪتا. بيان ۾ چيو ويو ته افغان شهري عبدالله حاجي زادا، ناصر احمد توحيدي، جاويد احمدي، بحرالله نوري ۽ ذبيح الله مهمند سميت ٻين کي ننڍي عمر جي ٻارن تي حملا ڪرڻ، جنسي ڏوهن جي رٿابندي ڪرڻ ۽ ٻين سنگين ڏوهن تي گرفتار ڪيو ويو. آمريڪي اختيارين چيو ته جيڪي ماڻهو عوامي سلامتي لاءِ خطرو آهن، انهن کي ملڪ مان ڪڍيو ويندو.