آمريڪا هڪ ٻيو ايراني جهاز عربي سمنڊ مان موٽائي ڇڏيو

آمريڪا هڪ ٻيو ايراني جهاز عربي سمنڊ مان موٽائي ڇڏيو

دوحا (م ڊ) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ سينٽ ڪام چيو آهي ته هڪ واپاري جهاز کي روڪيو جيڪو ايران تي لاڳو ڪيل ناڪابندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سينٽ ڪام جي مطابق سيوان نالي جهاز 19 جهازن جي شيڊو فليٽ جو حصو آهي جنهن تي ايراني تيل ۽ گئس کي پرڏيهي مارڪيٽن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو شڪ آهي. سينٽ ڪام جي مطابق جهاز کي عربي سمنڊ ۾ آمريڪي نيوي جي هڪ هيلي ڪاپٽر روڪيو. هيلي ڪاپٽر آمريڪي ڪيريئر يو ايس ايس پنڪني تان اڏام ڪئي. جهاز کي ايران واپس وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي. سينٽ ڪام چيو ته شيڊو فليٽ جهاز آمريڪا پاران اربين ڊالرن جي ايراني توانائي جي شين جي نقل و حمل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري پابندين هيٺ آهي  جن ۾ پروپين ۽ بيوٽين شامل آهن. سينٽ ڪام جي مطابق ناڪا بندي شروع ٿيڻ کان وٺي 37 جهازن کي ريڊائريڪٽ ڪيو ويو آهي.