| آمريڪا وينزويلا جو تيل وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيو، 50 ڪروڙ ڊالرن جي ڊيل |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا وينزويلا جو تيل باضابطا طور وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيو. آمريڪي اختيارين موجب وينزويلا جي تيل جي 500 ملين ڊالرن جي پهرين ڊيل مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ تيل جي وڌيڪ وڪري جي اميد آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب صدر ٽرمپ جي ٽيم تيل ڪمپنين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، جيڪي وينزويلا جي تيل واري انفرااسٽرڪچر، يعني بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ۽ خواهشمند آهن.