آمريڪا پاران ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ جو مطالبو: ايران جو انڪار: اسلام آباد ڳالهيون بنا معاهدي ختم: وفد روانا: ڌريون ڳالهيون ۽ جنگبندي جاري رکنديون: پاڪستان

  آمريڪا پاران ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ جو مطالبو: ايران جو انڪار: اسلام آباد ڳالهيون بنا معاهدي ختم: وفد روانا: ڌريون ڳالهيون ۽ جنگبندي جاري رکنديون: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ جاري امن ڳالهيون بنا معاهدي ختم ٿي ويون، آمريڪا ايران کان ائٽمي پروگرام ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو  جيڪو  ايران مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ٻنهي ملڪن جا وفد واپس روانا ٿي ويا آهن جڏهن ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ڳالهيون ختم ناهن ٿيون اميد آهي ته ڌريون ڳالهين جو عمل  ۽ جنگبندي جاري رکنديون. تفصيل موجب پاڪستان جي ميزباني هيٺ اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچم 47 سالن بعد ڳالهيون ٿيون جيڪي لڳ ڀڳ  21 ڪلاڪ جاري رهيون، ان موقعي تي  آبنائي هرمز، ائٽمي معاملن، جنگي نقصانن جي ازالي، پابندين جي خاتمي ۽ خطي ۾ مستقل جنگبندي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب  فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ٽياڪڙي ۾  ڳالهين جا 3 دور مڪمل ٿيا، ايران ۽ آمريڪا جي  ماهرن  به حصو ورتو، ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين وچ۾ ڪيترائي پيغام ۽ لکت وارن مسودن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  علائقي ۾ مستقل جنگبندي سميت اهم معاملن تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته  آمريڪي وفد ائٽمي پروگرام هميشه لاءِ ختم ڪرڻ بابت لکت ۾ گارنٽي طلب ڪئي ۽ آبناءِ هرمز سندس نگراني هيٺ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ايراني وفد ٻنهي مطالن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڳالهين جا 3 دور مڪمل ٿيڻ بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڪوبه معاهدو نه ٿي سگهيو، جنهن سبب گڏيل پڌرنامو جاري نه ڪيو ويو، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس پنهنجي ٽيم سان گڏ نورخان ايئر بيس پهچي آمريڪي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو  ته ايران سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون، پر اڃا تائين ڪنهن به حتمي معاهدي تي پهچي نه سگهيا آهيون ۽ بنا ڪنهن ڊيل جي آمريڪا واپس وڃي رهيا آهيون۔ بنا ڪنهن معاهدي جي واپسي ايران لاءِ وڌيڪ نقصانڪار آهي۔ اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته ايران سان لاڳيتو 21 ڪلاڪن تائين ڳالهيون جاري رهيون، جن ۾ مختلف معاملن تي خلوص نيت سان بحث ڪيو ويو ۽ آمريڪا پنهنجا شرط واضح طور پيش ڪيا پر ايران اُهي شرط قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔ آمريڪي نائب صدر چيو ته ايران طرفان ائٽمي هٿيارن بابت ڪو واضح موقف سامهون نه آيو، جڏهن ته آمريڪا کي ان حوالي سان صاف ۽ مثبت خاطري گهربل آهي ته ايران ائٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو۔ هن چيو ته بنا ڪنهن معاهدي جي واپسي ايران لاءِ وڌيڪ نقصانڪار آهي۔ آمريڪي نائب صدر پريس بريفنگ دوران وزير اعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف، فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيندي انهن  جاٿورا مڃيا ويا، جنهن کان پوءِ آمريڪي وفد اسلام آباد مان روانو ٿي ويو. ٻئي طرف ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف جو آمريڪي وفد سان ڳالهين بعد پهريون بيان سامهون اچي ويو. هن چيو ته آمريڪا ايران جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، آمريڪا کي سمجهڻو پوندو ته ايران کي شرطن سان ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪرائي سگهجي: ، باقر قاليباف چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته آمريڪا فيصلو ڪري ته ايران جو اعتماد حاصل ڪري سگهي ٿو يا نه؟، ڳالهين جي عمل کي آسان بڻائڻ تي برادر ملڪ پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، ايراني اسپيڪر پاران پاڪستاني قوم کي سلام پيش، باقر قاليباف چيو ته ڳالهيون شروع ٿيڻ کان پهريان ئي واضح ڪيو هو ته اسان وٽ نيڪ نيتي ۽ ارادو موجود آهي پر گذريل ٻن جنگين جي تجربن سبب مخالف ڌر تي اعتماد ناهي، ڳالهين ۾ آمريڪا ايران تي اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جامع ۽ تعميري ڳالهيون ٿيون آهن ۽ اميد آهي ته ٻئي ڌريون ڳالهين جو عمل ۽ جنگبندي جاري رکنديون۔ اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته اميد آهي ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي لاءِ مثبت سوچ سان اڳتي وڌندا۔ ٻنهي ملڪن وزير اعظم شهباز شريف جي درخواست تي مثبت ردعمل ڏنو۔ ٻنهي ملڪن لاءِ ضروري آهي ته جنگبندي برقرار رکڻ تي قائم رهن۔ هن ايران ۽ آمريڪا جي وفدن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ٻنهي ڌرين وچ ۾ سهولتڪاري جو ڪردار جاري رکندو۔ اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي وفد جي ڊي وينس جي اڳواڻي ۾ پاڪستان آيو، جڏهن ته ايراني وفد اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي قيادت ۾ پهتو، ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪيترن ئي دورن تي ٻڌل جامع ۽ تعميري ڳالهيون ٿيون۔ اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته نائب وزيراعظم جي حيثيت سان پاڻ ۽ فيلڊر مارشل عاصم منير ڳالهين واري عمل ۾ معاونت ڪئي۔ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي مڃڻ تي ٻنهي ملڪن جا شڪرگذار آهيون ۽ اميد آهي ته ايران ۽ آمريڪا امن لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رکندا.