| آمريڪا پاران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان اهم ڀائيوار قرار |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي اهم ۽ بنيادي ڀائيوار قرار ڏئي ڇڏيو. آمريڪي سينيٽ جي ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه ايڊمرل بريڊ ڪوپر چيو ته دهشتگرد سرگرمين ۽ سيڪيورٽي خطرن سبب افغانستان واشنگٽن جي ڌيان جو مرڪز آهي. هن چيو ته افغانستان آمريڪي نگراني واري فهرست ۾ اڃا تائين پهرين نمبر تي آهي، وچ ايشيائي ڀائيوار پڻ افغانستان مان دهشتگردي جي خطرن تي نظر رکي رهيا آهن، سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جو چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي ۾ هڪ قابل اعتماد ڀائيوار آهي، پاڪستان خطي ۾ داعش خراسان خلاف جنگ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ پاڪستان سان فوجي ڀائيواري ذريعي دهشتگردن خلاف مضبوط نتيجا حاصل ٿيا آهن. ايڊمرل بريڊ ڪوپر وڌيڪ چيو ته اهي ڪاميابيون پاڪستان ۽ آمريڪا جي دوستي ۽ گڏيل عزم جو سڌو سنئون مثال آهن، آمريڪا دهشتگردي خلاف ڪوششن ۾ پاڪستان کي اهم ۽ بنيادي ڀائيوار قرار ڏنو.