آمريڪا پاران 9مئي واقعن ۾ گرفتار خديجه شاهه تائين رسائي طلب

جُون 7, 2023

واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان کان 9مئي واقعن ۾ گرفتار ڪيل خديجه شاهه تائين قونصلر رسائي گهري ورتي آهي

آمريڪي پرڏيهي ترجمان هفتيوار بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستاني اختيارين کي چيو آهي ته خديجه شاهه کي قونصلر رسائي ڏني وڃي، هوءَ ٻٽي شهريت رکندڙ آهي

آمريڪي پرڏيهي ترجمان چيو ته ان حوالي سان پاڪستاني اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، ڪوئي آمريڪي شهري گرفتار ٿيندو آهي ته ان جي مدد لاءِ تيار رهندا آهيون

هي به پڙهندا

پاڪستاني اختيارين مان اميد رکون ٿا ته منصفاڻي ٻڌڻي جي گارنٽي هوندي، غيرملڪي حڪومتن کي چوندا رهيا آهيون ته گرفتار آمريڪي شهرين لاءِ طريقيڪار سامهون رکو

خديجه شاهه اڳوڻي آرمي چيف آصف نواز جي ڏوهٽي آهي ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي مداح آهي جنهن عمران جي گرفتاري بعد احتجاج ڪندي لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس جو رخ ڪيو هو

Leave A Comment