آمريڪا پاڪستان وسيلي 15 مطالبا ايران تائين پهچائي ڇڏيا

آمريڪا پاڪستان وسيلي 15 مطالبا ايران تائين پهچائي ڇڏيا

واشنگٽن/اسلام آباد (م ڊ) وائٽ هائوس ايران جنگ جي معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستاني آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جي تصديق ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي صدر جي ڏکڻ ايشيا لاءِ خاص نمائندي وٽڪوف ۽ صدر ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪشنر جي اسلام آباد جي امڪاني دوري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وائٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ چيو ته اهي حساس سفارتي ڳالهيون آهن، تنهن ڪري آمريڪا ان معاملي تي ميڊيا ذريعي ڳالهيون نه ڪندو. ڪيرولين ليوٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته بدلجندڙ صورتحال دوران ملاقاتن بابت اڳڪٿين کي ان وقت تائين حتمي نه سمجهڻ گهرجي، جيستائين وائٽ هائوس طرفان باضابطا اعلان نه ڪيو وڃي. آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا پاڪستان وسيلي پنهنجا 15 نقطا ايران تائين پهچايا آهن.