| آمريڪا ۽ اسرائيلي حملي ۾ ايراني ايوارڊ يافته فلمساز جو گهر تباهه |
تھران (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ ايران جي ايوارڊ يافتھ فلمساز عباس ڪيورستامي جو گھر تباھ ٿي ويو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بگھائي جو چوڻ آهي ته ايراني فلمساز عباس ڪيورستامي جو گهر تباھ ڪيو ويو ڇا ڪيورستامي جو گهر آمريڪا لاءِ خطرو هو؟ سچ اهو آهي ته هي آمريڪي-اسرائيلي خواهشن جي جنگ آھي جيڪا صرف هڪ رياست خلاف ناهي پر اھا ثقافت، تهذيب ۽ سڃاڻپ خلاف جنگ آهي. ڪيورستامي کي ڪينز فلم فيسٽيول ۾ ٽيسٽ آف چيري لاءِ پام ڊي آر ايوارڊ ڏنو ويو ھن ڪلوز اپ ۽ وير اِز دي فرينڊس هائوس جهڙيون مشھور فلمون بھ ٺاھيون.