آمريڪا ۽ اسرائيل ايراني صدر کي قتل ڪري ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيندا: ايراني دانشور

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جنگ کانپوءِ ايران جو نقشو شايد ائين نظر نه اچي، جيئن هاڻي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران سان ڪنهن سمجهوتي جي ڳولا ۾ ناهي، اسان ايران ۾ اهڙو صدر چاهيون ٿا، جيڪو ملڪ کي جنگ ڏانهن نه وٺي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو اسان نٿا چاهيون ته ڪرد فورسز ايران ۾ داخل ٿئي. آمريڪي صدر الزام هنيو ته ايران جي ايليمينٽري اسڪول تي حملو ايران پاڻ ئي ڪيو هو پر هن ان جو ثبوت نه ڏنو. ڊونلڊ ٽرمپ اها به دعويٰ ڪئي ته تيل جا اگهه تيزيءَ سان هيٺ ايندا.
 

تھران (م ڊ) ايران جي دانشور چيو آھي تھ آمريڪا ايراني صدر مسعود پزشڪيان کي قتل ڪري ملڪ کي ورھائي ڇڏيندو جنھن ۾ ڪي پاڙيسري ملڪ ڪجھھ حصن تي قبضو ڪندا ۽ تيل جي دولت سان مالامال علائقي تي مشتمل ايران ٺاھيو ويندو. تهران يونيورسٽي جي پروفيسر فواد عزادي الجزيره کي ٻڌايو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران کي ٽوڙڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن ٽرمپ جو بيان اهو ڏيکاري ٿو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ملڪ کي بلڪنائيز ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهن.  مون کي لڳي ٿو ته ٽرمپ ايران جي تيل سان مالا مال حصن کي الڳ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، جيڪو … فارسي خليج جي اترئين پاسي تي واقع آهي. هو شايد ڪنهن کي تيل سان مالا مال حصن جو انچارج بڻائيندو ۽ هن کي باقي ايران سان ڪا دلچسپي نھ ھوندي تنهنڪري ايران جا ٻيا حصا پاڙيسري ملڪن جي قبضي ۾ وڃي سگھن ٿا يا جيڪڏهن انهن وٽ تيل نه هجي ته انھن کي آزاد ڇڏي سگهجي ٿو. ھن چيو تھ ٽرمپ کي تيل پسند آهي – هن کي وينزويلا جو تيل پسند آهي، هن کي ايراني تيل پسند آهي ۽ توهان کي هڪ اهڙي حڪومت جي ضرورت آهي جيڪا ڪم نه ڪري رهي هجي، بغير ڪنهن اڳواڻ جي. ھن چيو تھ اهي [اسرائيل ۽ آمريڪا] شايد ايران جي صدر کي به مارڻ چاهيندا. جنھن سان ايراني حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ ايران جو نقشو تبديل ٿي ويندو.