| آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۾ رجيم چينج تي غور ڪن پيا: اسرائيلي اخبار |
تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۾ جاري احتجاجي مظاهرن دوران رجيم چينج جي امڪانن تي غور ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي گرفتاري کانپوءِ ايران بابت آمريڪي ۽ اسرائيلي عملدارنجي سوچ ۾ تبديلي آئي آهي. اخبار لکيو آهي ته اڳ اسرائيلي عملدارن جو خيال هو ته ايران ۾ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي خلاف احتجاج ايترو وسيع ناهي جو حڪومت جو خاتمو ٿي سگهي، پر هاڻي محدود ۽ ٽارگيٽڊ قدمن ذريعي احتجاجي تحريڪ کي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جا امڪان ڏٺا پيا وڃن. رپورٽ موجب اسرائيل سمجهي ٿو ته مادورو جي گرفتاري ايران ۾ مداخلت لاءِ موقعو فراهم ڪري سگهي ٿي.