| آمريڪا ۽ اسرائيل ثقافت جا دشمن: 120 عجائب گهر تباهه |
تھران (م ڊ) ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي آمريڪا ۽ اسرائيلي حملي ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 120 عجائب گهرن ۽ تاريخي ماڳن کي نشانو بڻايو آهي، جنهن سان ثقافتي ورثي کي نقصان پهچڻ جو خدشو پيدا ٿيو آهي. تهران شهري ڪائونسل جي ثقافتي ورثي ڪميٽي جي سربراهه احمد علوي چيو ته ڪيترن ئي هنڌن کي سڌو سنئون نشانو بڻايو ويو آهي ۽ انهن کي سخت نقصان پهچايو ويو آھي. جن هنڌن جو حوالو ڏنو ويو آهي انهن ۾ گلستان محل، سعد آباد محل، سنگ مرمر محل ۽ تيمورتاش هائوس شامل آهن، جنھن کي جنگي عجائب گهر پڻ چيو ويندو آهي.