آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران جي بجلي نظام تي 2 هزار حملا

آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران جي بجلي نظام تي 2 هزار حملا

تهران (م ڊ) ايران جي توانائي واري نائب وزير چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان تازي جنگ دوران هزارين پاور اسٽيشنن کي نشانو بڻايو ويو. مصطفيٰ رجبي مشهدي چيو ته بجلي جي بنيادي ڍانچي سان لاڳاپيل 2,000 کان وڌيڪ هنڌن تي حملو ڪيو ويو. بجلي عام طور تي هڪ ڪلاڪ کان به گهٽ وقت ۾ بحال ٿي ويندي هئي. هن چيو ته بجلي جي نظام کي نشانو بڻائڻ ماڻهن تي حملو ڪرڻ جي برابر آهي. ايران جي بجلي جي شعبي ۾ لڳ ڀڳ 150,000 ماڻهو ڪم ڪن ٿا، جن مان 30,000 ڏينهن ۾ 24 ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا. حملن دوران 12 ملازم مارجي ويا.