واشنگٽن/تل ابيب/تهران (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل پاران مهلت ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ايران جي خارگ ٻيٽ سوڌو پلن، ريلوي ۽ توانائي اڏاوتن تي حملا، 33 ڄڻا شهيد، ايران جا جوابي حملا، ٽرمپ رات پوري ايراني قوم کي ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، ٽرمپ جي ڌمڪي کانپوءِ ايران آمريڪا سان رابطا ختم ڪري ڇڏيا، ڳالهيون روڪي ڇڏيون، جنگبندي لاءِ ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو، پاڪستان کي به آگاهه ڪري ڇڏيو، عالمي ميڊيا رپورٽس موجب وچ اوڀر ۾ جنگ وڌڻ جو خدشو وڌي ويو، ايران کي آمريڪي جي ڏنل ڊيڊلائن ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ايران جي ريلوي ٽريڪس ۽ پلن تي اسرائيل بمباري ڪئي، آمريڪا به ايراني خارگ ٻيٽ تي حملو ڪري ڏنو، ايران به آمريڪا کي خبردار ڪري ڇڏيو ته آمريڪا ريڊلائن پار ڪئي ته جواب خطي کان ٻاهر ڏنو ويندو، پاسداران انقلاب چيو ته پاور پلانٽس کي نشانو بڻايو ته پورو خطو اوندهه ۾ ٻڏي ويندو، آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي ڪيئي سال تيل ۽ گيس کان محروم ڪيو ويندو، صورتحال بي قابو ٿي ته باب المندب کي به بند ڪري ڇڏينداسين. ايران جي سرڪاري ميڊيا جي رپورٽ موجب البرز صوبي ۾ رهائشي علائقن تي آمريڪي-اسرائيلي هوائي حملي ۾ 18 ماڻهو شھيد ٿي ويا آهن، جن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن. البرز صوبي جي ڊپٽي گورنر تصديق ڪئي ته 24 ٻيا زخمي بھ ٿيا آهن. اولهه ايران ۾ خرم آباد هوائي اڏي تي پڻ ھوائي حملو ڪيو ويو، تهران جي اوڀر ۾ واقع پرديس شهر ۾ عمارتن جي ملبي مان 6 لاش ڪڍيا ويا. شهريار ۾ هڪ رهائشي علائقي تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ 9 ماڻهو مارجي ويا جڏھن تھ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هوڏانهن اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاتز چيو آهي ته اسرائيلي فوج ايران جي هڪ وڏي پيٽروڪيميڪل پلانٽ کي نشانو بڻايو آهي.فوج کي هدايت ڏني وئي آهي ته ايران جي انفرااسٽرڪچر تي پوري طاقت سان حملا جاري رکيا وڃن.هن چيو ته اسرائيلي فوج اساليه ۾ ايران جي اهم پيٽروڪيميڪل ڍانچي تي وڏو حملو ڪيو آهي. گذريل هفتي به هڪ ٻي پلانٽ تي حملو ڪيو ويو هو. اسرائيل ڪاتز موجب، اساليه ۾ موجود اهو پلانٽ ملڪ جي اٽڪل اڌ پيٽروڪيميڪل پيداوار جو ذريعو هو. جڏهن ته آمريڪي ڊيڊلائين ختم ٿيڻ کان اڳ ايران جي خارگ ٻيٽ تي آمريڪا حملو، ڪيو ايراني ميڊيا موجب خارگ تي ڪيترائي حملا ڪيا ويا، آمريڪي اختيارين دعويٰ ڪئي ته خارگ ٻيٽ تي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، خارگ ٻيٽ تي ايران جا تيل ذخيرو ڪندڙ ٺڪاڻا ۽ تيل جي رسد جون پائيپ لائينز موجود آهن، ايراني ميڊيا موجب تازن حملن ۾ ايران جي اتر اولهه ۾ تبريز زنجان هاءِ وي تي پُل کي نشانو بڻايو ويو، ايران جي شهر ڪاشان ۾ ريلوي پُل تي حملو ڪيو ويو، بجلي جي ٽرانسميشن لائين تي حملن بعد ايران جي شهر ڪرج جي مختلف حصن ۾ بجلي بند ٿي وئي، ڪرج ۾ ريلوي ٺڪاڻن کي به نشانو بڻايو ويو، رات کان جاري حملن ۾ وڌيڪ 33 ايراني شهيد ٿي ويا، تهران جي مهرآباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڀرسان زوردار ڌماڪا ٿيا، نورستان صوبي ۾ به ايئرپورٽ کي ٽارگيٽ ڪيو ويو. هوڏانهن آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي جواب ۾ ايران مختلف اسرائيلي شھرن تي ڊرون حملا ڪيا جن کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي. حملي ۾ هڪ گاڏي اونڌي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي پر ڪوبھ نقصان نھ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي. ايراني بيلسٽڪ ميزائل مان ڪلسٽر بم ڪرڻ جي ڪري نقصان ٿيو، روش هائين ۽ رمات هاشارون جا شھر متاثر ٿيا آھن. ايلات شھر تي بھ حملو ڪيو ويو. ايران سعودي عرب جي اوڀرندي صوبي ۾ ڊرون حملو ڪيو جنھن کانپوءِ احتياط طور بحرين کي سعودي عرب سان ملائيندڙ شاھھ فھد پل کي ڪجھھ ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو. شيراز پيٽروڪيميڪل تي حملي جي جواب ۾ ايران جي پاسداران انقلاب سعودي عرب جي جبيل علائقي ۾ پيٽروڪيميڪل سهولتن تي حملو ڪيو، باهه ڀڙڪي پئي، پاسداران انقلاب اسلامي بيان ۾ چيو ته جبيل ۾ آمريڪي ڪمپنين کي ميزائلن ۽ ڊرونز سان نشانو بڻايو ويو جن ۾ صدرا، ايڪسون موبل ۽ ڊارڪ ڪيميڪل شامل آهن. جوئيمه ۾ هڪ پيٽروڪيميڪل ڪمپليڪس کي نشانو بڻايو جيڪو آمريڪي ڪمپني شوردان فلپس جي ملڪيت آھي. عرب امارات ۾ شارجه ۾ ثريا ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني جي کي بيلسٽڪ ميزائل حملو ڪيو ويو جنھن ۾ ٻه پاڪستاني شهري زخمي ٿيا.اسرائيل جي پيٽاھھ شھر ۾ حملي ۾ متاثر ٿيل عمارت ڪري پئي. ايران سعودي شهر جَبِيل جي صنعتي علائقي ۾ پيٽرو ڪيميڪل ڪمپليڪس تي حملو ڪيو هو، باهه ڀڙڪي پئي هئي، جنهن بعد سعودي بچاءِ وزارت 7 بئليسٽڪ ميزائل ۽ 18 ڊرونز روڪڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته بئليسٽڪ ميزائلن سان توانائي ٺڪاڻن کي نقصان ٿيو آهي.
واشنگٽن/تهران: آمريڪي صدر ڊيڊلائين ختم ٿيڻ کان 11 ڪلاڪ اڳ پوري ايراني قوم کي ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اڄ رات هڪ پوري تهذيب ختم ٿي ويندي، جيڪا ٻيهر جيئري نه ٿي سگهندي، اسان نٿا چاهيون ته ائين ٿئي پر شايد ائين ٿيندو، هن چيو ته ايران ۾ رجيم جي مڪمل تبديلي کانپوءِ هاڻي سياڻن ماڻهن وٽ اقتدار آهي، اُهي گهٽ بُنياد پرست آهن، ٽرمپ اُميد ظاهر ڪئي ته ڪير ڄاڻي ٿو ڪو انقلابي طور حيران ڪندڙ واقعو ٿئي، اسان اڄ رات دُنيا جي ڊگهي ۽ پيچيده تاريخ جون اهم گهڙيون ڏسنداسين، 47 سالن کان ڀتي خوري، ڪرپشن ۽ موت جو سلسلو نيٺ ختم ٿي ويندو، آمريڪي نيوز چينل کي فون تي انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته 8 وڳي جي ڊيڊلائن تائين معاهدو نه ٿيو ته ايران تي وڏا حملا ڪيا ويندا، اهڙو حملو ڪنداسين جيڪو هن ڪڏهن ڏٺو ئي نه هوندو، ايران معاملي تي رٿابندي موجب اڳتي وڌي رهيا آهيون، 8 وڳي ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، اڄ ڳالهين ۾ ڪا خاص اڳڀرائي ٿي ته صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي. هوڏانهن ٽرمپ جي ڌمڪي بعد ايران آمريڪا سان ڳالهيون روڪي ڇڏيون، جنگبندي تي ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٽن سينئر ايراني عهديدارن آمريڪي اخبار موجب ايراني عهديدارن پاڪستان کي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ايران ٽرمپ جي ڌمڪي بعد آمريڪا سان سڌي ريت رابطا معطل ڪيا. جڏهن ته ايراني پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته صبر جو وقت ختم، آمريڪا ريڊلائين پار ڪئي ته ردعمل خطي کان ٻاهر هوندو، آمريڪي اڳواڻ نٿا ڄاڻن ته سندن ڪيترا وڏا اثاثا اسان جي رينج ۾ آهن، آمريڪا ۽ اُن جي ڀائيوارن جي انفرا اسٽرڪچر کي نقصان پهچايو ويندو، آمريڪا ۽ اُن جا اتحادي سالن تائين خطي جي تيل ۽ گئس کان محروم رهندا، آمريڪا جي علائقائي ڀائيوارن کي ڄاڻڻ گهرجي ته اسان پاڙيسري هجڻ جي ڪري صبر ڪيو آهي، ٻئي پاسي ايران جي سُپريم ليڊر مجبتيٰ خامنائي چيو آهي ته جنگي ڏوهارين پاران ڌمڪين ۽ تباهي جو گوڙ ڪرڻ سندن وائڙائپ آهي. رات دير سان ٽرمپ هڪ ٻئي بيان ۾ چيو ته ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائي جي ڪري 8 وڳي واري ڊيڊلائن کي وڌائي سگهي ٿو، آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته آمريڪا ايران ڳالهين ۾ 24 ڪلاڪن اندر ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، تهران ٽائيمز ايران آمريڪا ڳالهيون ختم ٿيڻ بابت خبر هٽائي ڇڏي ۽ لکيو ته رابطا بحال آهن.